داخلا نمبر 903
عنوان استاد بخشو خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 553 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

استاد بخشو خان

استاد بخشو خان: ڪلاسيڪي سنگيت جو هي ممتاز موسيقار اصل جيسلمير جو رهاڪو هو، تنهن ڪري استاد بخشو خان جيسلميري جي نالي سان مشهور هو. رياست خيرپور جي ميرن جي دعوت تي اچي وٽن رهيو هو مگر پوءِ حيدرآباد ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. استاد بخشو خان سنڌ ۾ اٽڪل سن 1830ع ۾ آيو ۽ هتان جي ماڻهن جي قدردانيءَ سبب هميشه لاءِ هتي جو ٿي ويو. هن تي پڻ دهليءَ جي گائڪي جو اثر هو. پر ان ۾ ڪرناٽڪي گائڪيءَ کي ملائي عجيب رنگ پيدا ڪندو هو. هو طبلو ۽ سارنگي ڏاڍي مهارت سان وڄائيندو هو ۽ اهي سندس دل پسند ساز هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو