جيسلمير قلعي جو هڪ ڏيک

جيسلمير قلعي جو هڪ ڏيک

جيسلمير

جيسلمير: جيسلمير، هندستان جي رياست آهي، جيڪا راجستان صوبي ۾ آهي. هيءَ علائقو سنڌ جي ٿر واري علائقي سان لڳي ٿو. هن شهر کي ڀاٽي راجپوت رائو جيسل آباد ڪيو، جنهن لاءِ مقولو مشهور آهي ته:
گـڍ دهلي، گـڍ آگـرو، گـڍ بيڪانير،
ڀلـو چُـڻايو ڀاٽيئي، سري جيسلمير.
رائو جيسل هتي هڪ ٽڪريءَ تي قلعو تعمير ڪرايو هو، جنهن ۾ شاندار محل کان سواءِ جين جا ڪيترائي مندر اڄ به تعمير ٿيل آهن. ان قلعي جي اڏاوت 12 کان پندرهين صدي واري گجراتي اڏاوت جو خاص نمونو چئي سگهجي ٿي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جيسلمير جي اڏجڻ جو دور به 12 کان 15 صديءَ جي وچ تي هوندو. هيءُ علائقو اولهه ۽ ڏکڻ- اولهه طرف کان پاڪستان جي سرحدي علائقي ٿر سان ملي ٿو ۽ بين الاقوامي سرحد سان 471 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. اتان جي آبادي ڀٽي راجپوتن تي مشتمل آهي، جيڪي پنجاب سان تعلق رکندڙ هئا ۽ پوءِ اتي اچي آباد ٿيا. 2001ع جي آدمشماري موجب جيسلمير جي آبادي 500، 46 ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ هن علائقي ۾ تعليم جي شرح 64 سيڪڙو آهي. جيسلمير جي آبادي جو گهڻو حصو خانا بدوشيءَ واري زندگي گذاري ٿو ۽ سندن پيشو ٻڪريون، رڍون، مينهون ۽ اٺ چارڻ آهي. هتان جي مک برآمد ۾ اناج، کنڊ ۽ چمڙو وغيره شامل آهن. 1988ع ۾ هن علائقي مان قدرتي گئس جا ذخيرا به دريافت ٿيا آهن. سياحت جي لحاظ کان هيءُ علائقو هندستان جي اهم تاريخي ۽ خوبصورت ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ هتان جي وسيع ”پتوون ڪي حويلي“ شامل آهي. جنهن ۾ سوڙهيون گهٽيون آهن ۽ اها 6 حصن ۾ ورهايل آهي. ان حويليءَ جي ديوارن تي چٽ سازي به ٿيل آهي. ”سليم سنگهه ڪي حويليءَ جي نالي سان هيءَ حويلي 300 سال پراڻي آهي. جڏهن جيسلمير هڪ رياست هئي تنهن وقت سليم سنگهه هن حويلي کي تمام خوبصورت ۽ بهترين طريقي سان جوڙايو، جنهن جي ديوارن تي مور پکي جهڙي چٽ سازي ٿيل آهي. ”نٿمل ڪي حويلي“ 19 صدي تائين وزيراعظم هائوس طور استعمال ڪئي ويندي هئي ۽ هن جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي جي ديوارن تي نٿمل جي ڀائرن جي چٽ سازي ٿيل آهي. ”گادي ساگر ٽئنڪ ميوزيم“ جيڪو شهر جي چوڌاري ڀت جي ڏاکڻي طرف آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن دور ۾ سڄي شهر ۾ پاڻي مهيا ڪيو ويندو هو، جتي هن وقت به ڪيترائي مندر ۽ مقبرا موجود آهن. سياري جي مند ۾ اتي ڪيترائي پرديسي پکي ولرن جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن. هتي هڪ ننڍو ميوزيم به آهي جنهن ۾ علائقائي فن جي نمائش لاءِ سڪا، ڪپڙا ۽ راجستاني موسيقيءَ جا آلات رکيل آهن. جيسلمير جي سالياني ميلي ۾ اٺن جي ڊوڙ، ناچ، گانو، علائقائي ميوزڪ ۽ ريگستاني راڳ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. هيءُ ميلو ٽي ڏينهن جاري رهندو آهي.


لفظ جيسلميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو