داخلا نمبر 4306
عنوان استاد مجاهد چانڊيو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 354 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
استاد مجاهد چانڊيو

استاد مجاهد چانڊيو

استاد مجاهد چانڊيو

استاد مجاهد چانڊيو: ناليواري تاريخدان استاد مجاهد چانڊيي 1935ع ڌاري چانڊڪا جاگير، غيبي ديري جي هڪ ڳوٺ ’ٺل‘ ۾ جنم ورتو. تعلقي وارهه جي کنڊو مدرسي مان فارسي ۽ سنڌي فائنل ڪري، پرائمري استاد ٿيو. هيءُ پٺتي پيل علائقي ۽ جاگيرداري نظام ۾ علم جو شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪول کولرائي، انهن ۾ پنهنجي بدلي ڪرائي ٻارن ۽ اتان جي اڻپڙهيل ڳوٺاڻن ۾ شعور پيدا ڪندو رهيو. سندس خصوصيت اها هئي ته هو پٺتي پيل ڳوٺن ۾ اسڪول کولرائي پاڻ کي ان اسڪول ۾ مقرر ڪرائيندو هو ۽ ان اسڪول کي مچائي اسڪول ڪنهن ٻئي استاد حوالي ڪري وري ڪو ٻيو ڳوٺ وسائيندو هو. اهڙي طرح وارهه ۽ قمبر ۾ هن 20 کان 25 نوان اسڪول کولرايا. هن مشرقي ٻولين واري شعبي مان اديب، عالم ۽ فاضل جي سند حاصل ڪئي. ڪيترائي مضمون، افسانا، تاريخي مقالا لکيا اٿائين، جيڪي نئين زندگي ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپيا. سندس تاريخي ناول ’چانڊڪا‘ 1963ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1998ع ۾ شايع ٿيو. چانڊين جي تاريخ تي مشتمل سندس ٻيو ڪتاب ’تنين سين ڏيٺ‘ 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو