اسحاق مڱريو

اسحاق مڱريو

اسحاق مڱريو

اسحاق مڱريو: مشھور صحافي اسحاق ولد محمد صالح مڱريو، 6 جولاءِ 1955ع تي سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ سانگهڙ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن خانگي طور گريجوئيشن ڪئي. هو حر جماعت سان واسطو رکندڙ هو. شاگرديءَ واري دور کان قومپرست تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ترقي پسند سياست ۽ هارين جي حقن واري جدوجھد ۾ به سرگرم رهيو. سنڌي ادبي سنگت جهول شاخ سان شروع کان ئي سلھاڙيل رهيو ۽ اُن جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. صحافت سان دلچسپي سبب 1992ع کان 1995ع تائين ’جاڳواخبار ۾ سانگهڙ جي عيوضيءَ طور ڪم ڪيو. 1995ع کان 1999ع تائين روزاني ’سنڌ‘ ۾ ۽ 1999ع کان 2004ع تائين ’ڪاوش‘ ميڊيا نيٽ ورڪ ۾ ڪم ڪيو. 2004ع کان 2007ع تائين ’سنڌ ٽي وي‘ تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن ته 2007ع کان 2008ع دوران سنڌ ٽي وي تي اليڪشن سيل جي انچارج طور خدمتون انجام ڏنيون. هن روزاني ’عبرت‘ ۽ ’افيئر‘ مئگزين ۾ فري لانس ڪالم نويس ۽ فيچر رائيٽر طور به ڪم ڪيو. هو انھن ٿورن سنڌي صحافين مان هو، جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ڪيتريون ئي عالمي پائي جون رپورٽون ۽ فيچر لکيا. هي پريس ڪلب حيدرآباد جو سيڪريٽري ۽ صدر پڻ رهيو. ان کانسواءِ ڪيترو عرصو روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ ۾ سينئر رپورٽر طور ڪم ڪيو. هو عالمي ماحولياتي تنظيمن WWF, IUCN ۽ UNDP جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. حر تحريڪ، لوڪ ڏاهپ، اينٿراپالاجي (علم الانسان)، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگي ۽ تاريخ بابت سندس ڪيترائي مضمون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. 16 جون 2024ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.07.06  عيسوي

ناميارو صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ 6 جولاءِ 1955ع تي محمد صالح مڱريي جي گهر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دوست محمد خان مير
انور پيرزادو
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
ريڊنگ لارڊ
ايگزيڪيوٽو
آصف نواز جنجوعا
زبيده گهانگهرو
بولچند
پرمانند کتري
روهن سپي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون