اسلامي زندگي

اسلامي زندگي (ڪتاب): هن ڪتاب جو مترجم مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي آهي، جيڪو عبدالرحيم ولد مولوي عبدالواحد ميمڻ، دادوءَ واري، ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 3 رپيا ۽ صفحا 256 آهن. ڪچي جلد ۽ ڪرائون سائيز ۾ هيءُ ڪتاب، رباني پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سنه 1958ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، اسلاميه ڪتبخاني طرفان 1964ع ۾ ڇپايل آهي ۽ پنجون ڇاپو اسلاميه پريس، حيدرآباد مان 1968ع ۾ ڇپيو.


لفظ اسلامي زندگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو