اسماعيل عرساڻي

اسماعيل عرساڻي: تعليمي ماهر محمد اسماعيل ولد محمد هاشم عرساڻي، 17 سيپٽمبر 1906ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول هالا نوان مان حاصل ڪري 1924ع ۾ هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1935ع ۾ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر جي حيثيت ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. کيس 6 فيبروري 1948ع تي پروموشن ڏئي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آف اسڪولس، ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو. ان بعد لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ٺٽي، سڪرنڊ ۾ مختلف عهدن تي رهي، 16 سيپٽمبر 1966ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر آف اسڪولس حيدرآباد ريجن جي عهدن تان رٽائر ڪيائين.
عرساڻي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان سندس لکيل ڊرامي ”بدنصيب ٿري“ کيس وڏي شهرت ملي، ان کانسواءِ ”سکر سي ئي ڏينهن“، (آتم ڪٿا)، ”سير ريگستان“ ۽ ”نياريون وٿون“ سندس بهترين تصنيفون آهن.
محمد اسماعيل عرساڻي پهرين نومبر 1986ع تي وفات ڪري ويو. سندس نالي تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾، تحقيقي ڪتبخاني ۾ بوڪ ڪارنر، 27 مارچ 1980ع تي قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ 260 سنڌي، 241 انگريزي ۽ 19 اردو، جملي 520 ڪتاب ۽ 21 سنڌي ۽ 10 اردو جملي 31 رسالا تحفي طور ڏنا ويا.
عرساڻي صاحب جي شخصيت هڪ ڊرامانگار، مضمون نويس، نصاب نويس ۽ تعليمي ماهر جي ٿي گذري آهي. سندس تحريري مواد ۾ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت مواد موجود آهي.


لفظ اسماعيل عرساڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.09.17  عيسوي

اسماعيل عرساڻي: تعليمي ماهر محمد اسماعيل ولد محمد هاشم عرساڻي ، 17 سيپٽمبر 1906ع تي هالا نوان ۾ ڄائو


1986.11.01  عيسوي

محمد اسماعيل عرساڻي پهرين نومبر 1986ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور انصاري
راڻو ڏهرو
اُستاد فدا حسين خان
انور سومرو 2
شڪيل
درويش حاجي عبداللطيف شاهه قادري
راهب فقير
سيد حاجي مهر علي شاهه
استاد لغاري
الهه آندو شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون