داخلا نمبر 1288
عنوان اشاعت
شاخ اشاعتي ادارا
پڙهيو ويو 317 ڀيرا
داخلا جو حوالو

اشاعت

اشاعت (Publishing): ڪنهن مواد، ڪتاب، رسالي ۽ اخبار وغيره کي شايع ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ ”اشاعت“ مان مراد ”ڪنهن تصنيف کي موزون صورت ۾ تيار ڪري، مؤثر طريقي سان ڇپائي گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين، واپارين جي ذريعي يا سڌوسنئون پهچائڻ واري نظم نظام کي اشاعت چئبو آهي.
مسودن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۽ وڪڻڻ جو فن، قديم يوناني کان شروع ٿيو. سلطنت روم ۾ ته هي ڪم باقاعدي ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چُڪو هو. وچئين دور ۾ مسودن کي تحرير ڪرڻ جو ڪم جيئن ته فقط راهبن تائين ئي محدود هو، تنهنڪري نشر ۽ اشاعت جو اُهو سلسلو ٿورو ماٺو ٿي ويو. البت ٻيهر يورپ جي سجاڳيءَ واري دؤر ۾ اهو ڪجهه اڳتي وڌيو، پر وسيع پيماني تي تصنيفن جو نقل تيار ڪرڻ، ان وقت ممڪن نه ٿي سگهيو. پندرهين صديءَ جي وچ واري دور ۾ جڏهن يورپ، ٽائيپ جي اکرن کان واقف ٿيو، تڏهن ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزيءَ آئي. ان جي ترقيءَ ۾ گرجا جي مذهبي مناظري بازي به مددگار ثابت ٿي، جنهنڪري سلسلي وار ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا، ۽ جلد ئي اشاعت ۽ ڇپائيءَ جا الڳ الڳ ڪم شروع ڪيا ويا.
عام خيال آهي ته پهريون اشاعت گهر ”الزوير گهراڻي“ جو هو، جنهن 1583ع ۾ اشاعت جو ڪم شروع ڪيو، پر ان هوندي به طابع، ناشر ۽ ڪتاب وڪڻندڙ ۾ صحيح فرق اوڻويهين صديءَ کان پهرين واضح ٿي نه سگهيو، ۽ هينئر به اڪثر حالتن ۾ انهن جي ڪم ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو.
سنڌ ۾ اشاعت جو سلسلو برٽش دور کان شروع ٿئي ٿو. سنڌ ۾ پهرين پريس ”ڪراچي ايڊورٽائيزر پريس“ جي نالي سان 1844ع ۾ لڳائي وئي، جيڪا سرڪاري هئي. هن ڇاپخاني مان ’ڪراچي ايڊورٽائيزر“ نالي پهرين اخبار نڪتي. پر خانگي طور پهريون ڇاپخانو مرزا مخلص علي علويءَ قائم ڪيو. بقول سيد پير حسام الدين راشديءَ ته، ”سنڌ ۾ پهريون ڇاپخانو ڪٿي ۽ ڪڏهن قائم ٿيو، ان جو صحيح پتو ڪونه آهي. ليڪن ”چٽ جي پار“ نالي ڪتاب 1853ع ۾، ڪراچي جي ليٿوپريس مان شايع ٿيو، گويا انگريزن جي اچڻ بعد ڏهن سالن اندر سنڌ ۾ پريس قائم ٿي ويئي.“ سنڌ ۾ سڀ کان پهرين اخبار ”مفرح القلوب“ فارسي زبان ۾ 1855ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿي.
انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ اشاعت ۽ ڇپائيءَ جو ڪم هڪ ئي فرد يا ادارو ڪندو هو، يعني جنهن جو ڇاپخانو هوندو هو، اهو ئي پرنٽر ۽ پبلشر به هوندو هو، پر اشاعت جو ڪم ڇپائي جي ڪم (Printing) کان الڳ آهي. ان وقت اڪثر پبلشر يا ته سرڪاري ادارا هئا، يعني سرڪار پاڻ هئي، يا گهڻو ڪري اهو واپاري طبقو هو، جيڪو لکيل پڙهيل ماڻهن لاءِ مذهبي ۽ ڌرمي مواد ڇپرائي پڌرو ڪندو هو. جڏهن مزاحمتي سوچ وڌي ۽ هندو مسلم تفريق کي هوا ڏني وئي ته اشاعتي ادارا به ورهائجي ويا، ۽ اهو فرق ورهاڱي تائين هلندو آيو. البت انگريزن لاءِ سڀني کي نفرت هئي ۽ اشاعي مواد ۾ گهڻو حصو خاص ڪري اخبارون، اهڙي مواد سان ڀريون پيون هونديون هيون ۽ اهو سياسي عنصر اڄ به اسان جي صحافتي دنيا تي غالب آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ اشاعتي حوالي سان هڪ زبردست خال پيدا ٿي ويا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مسلمان پبلشر پوئتي وڃي بچيا، جيڪي اشاعت جي ڪم کان واقف هئا. پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ئي واحد ادارو هو، جيڪو اشاعت جو ڪم ڪرڻ لڳو هو. خانگي پاسي ڪن فردن پنهنجو شوق پوري ڪرڻ لاءِ ڪي ڪتاب پئي ڇپرايا ۽ شايع ڪيا، پر ڪو نالي وارو خانگي ادارو وجود ۾ نه آيو. ويجهي ماضي ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ اشاعت جو ڪم ڪندڙ خانگي ادارا قائم ٿيا، جن ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد نمايان هو. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ کان پوءِ سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي اشاعت جو ڪم زور سان ٿيڻ لڳو ۽ ڪيتريون ئي نيون اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳا، انهيءَ دوران انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي به اشاعتي اداري طور اڳيان اُڀري آئي ۽ خانگي ادارن ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ۽ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو/ حيدرآباد نمايان رهيا، پر انهي دوران ٻين ننڍن ننڍن ادارن به جنم ورتو. سرڪاري ادارن مان هن قت جيڪي سنڌي اشاعتي ڪم ڪن ٿا، انهن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۽ سچل چيئر خيرپوريونيورسٽي شامل آهن. جڏهن ته خانگي ادارن ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو/ حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر/ منصور پبليڪيشن، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ نئشنل اڪيڊمي حيدرآباد، سي. پي. سي. ايس، پاڪيزه پرنٽرز حيدرآباد، مارئي ڪتاب گهر سڪرنڊ، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڪنول پبليڪيشن قمبر ۽ ٻيا ڪيترا ادبي اشاعتي ادارا سنڌي ڪتابن جي اشاعت جو ڪم ڪري رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو