صحيح

صحيح: بي عيب جنهن ۾ ڪا به خامي يا نقص نه هجي، مستند ۽ قابل اعتبار حديثن کي صحيح سڏيو ويندو آهي. اهڙي مسند حديث جنهن جي رواين جو سلسلو (سند) آخر ڪلام تائين متصل هجي ۽ ان جا راوي عادل ۽ضابط يا محتاط هجن، ان ۾ ڪا به ڪمزوري نه هجي، صحيح جا ٻه قسم آهن. 1: صحيح لذاته،2: صحيح لغيره. جڏهن محدث هي چون ته هي حديث غير صحيح آهي ته ان مان مراد آهي ته هن حديث جون سندون صحيح نه آهن ۽ جن مجموعن ۾ صحيح حديثون هجن ان کي مستند چيو ويندو آهي جيئن امام بخاري جي ‘صحيح بخاري’ ۽ امام مسلم جي ‘الصحيح’ وغيره. الجرجاني (816هه/1413ع) جي قول مطابق صحيح حديثن جا مختلف قسم ٿين ٿا جيئن هڪ مسند (اها حديث جنهن جي سندن جو سلسلو پاڻ سڳورن تائين پهچندو هجي ۽ فرد اها حديث جيڪا صرف هڪ علائقي يا هڪ راوي سان مخصوص هجي. صحيح بخاريءَ ۾ 7275 حديثون آهن. چيو وڃي ٿو ته امام بخاري ڇهه لک حديثن مان جيڪي ان وقت رائج هيون ٻه لک حديثون ياد ڪيون ۽ وري ٻن لکن حديثن مان مسند ۽ صحيح حديثون چونڊي ‘صحيح بخاري’ ترتيب ڏنو. امام مسلم ‘الصحيح’ ۾ اڪثر حديثون صحيح بخاري جون درج آهن، پر انهن جي رواين ۾ ڪافي فرق آهي، ان کانسواءِ امام مسلم حديثن بابت هڪ ٻيو به ڪتاب لکيو آهي، انهن ٻنهي ڪتابن کي ‘صحيحن’ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.امام بخاري جي ‘الصحيح’ کي سڀني کان گهڻي شهرت حاصل آهي.


لفظ صحيحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو