اظهار قاضي

اظهار قاضي

اظهار قاضي

اظهار قاضي: پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪار اظهار قاضيءَ 1957ع ڌاري ڪراچي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم جامعه ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ ملازم ٿيو. اداڪاريءَ جي شروعات 1984ع ڌاري پاڪستان ٽيلي ويزن جي ڊرامي ’ٿڪن‘ سان ڪيائين. ان کانپوءِ 1985ع ۾ هن هدايتڪار نظر شباب جي فلم ”روبي“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. جنهن کانپوءِ هن ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ 30 فلمون اردو ۾، 26 فلمون پنجابي ۾، 3 فلمون پشتو ۾ ۽ هڪ سنڌي فلم به شامل آهن. سندس آخري فلم ”ايشيا ڪي ٽائيگر“ هئي. هن 24 ڊسمبر 2007ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.00.00  عيسوي

اداڪار اظهار قاضيءَ 1957ع ڌاري ڪراچي ۾ جنم ورتو


2007.12.24  عيسوي

اظهار قاضي 24 ڊسمبر 2007ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارپتي رميش لعل آڏواڻي
سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو
جواهر لعل نهرو
طالب سميجو
جکراڻي عبدالحق
پيرل پياسي
عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
ڇٽو فقير ڪوريجو
جڙيل شاهه بخاري
بنيتا ناگپال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون