داخلا ؛ 1352
پڙهيو ويو ؛ 750
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-13


تصويرون


Aijaz-Ali-Baig-Mirza.jpg
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي بيگ مرزا



ٽائيم لائين

1944.09.28-A.D
اعجاز علي بيگ مرزا جو جنم 28 سيپٽمبر 1944ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ٿيو19




sindhianaسنڌيانا--اعجاز علي بيگ مرزا

ٽائيٽل ؛ اعجاز علي بيگ مرزا


شاخ : شخصيت

اعجاز علي بيگ مرزا: -اعجاز- علي بيگ مرزا، سنڌ جي نامياري عالم مرزا قليچ بيگ جي فرزند مرزا -اسد- بيگ جو فرزند آهي. سندس -جنم- 28 سيپٽمبر 1944ع تي ٽنڊي -ٺوڙهي- حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي -تعليم- سينيٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ورتائين. انٽر گورنمينٽ ڪاليج (ڪاري موري) حيدرآباد ۽ بي. اي سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. ايم. اي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. سيپٽمبر 1964ع ۾ -اعجاز- بيگ مرزا جي پهرين پوسٽنگ سينيئر انگلش ٽيچر طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول مرزا قليچ بيگ حيدرآباد ۾ ٿي. -ان- زماني ۾ هيءُ اسڪول پرائمريءَ مان اپ گريڊ ٿي هاءِ اسڪول بنيو. هو 1969ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد ۾ چئن مهينن لاءِ سنڌيءَ جو ليڪچرر ٿيو. ڊسمبر 1972ع ۾ سندس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان هيڊماستر طور سليڪشن ٿي ۽ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. 1987ع ۾ جڏهن اين. جي. وي هاءِ اسڪول، هاير سيڪنڊري اسڪول طور اپ گريڊ ٿيو ته مرزا صاحب اُن جو پهريون پرنسپال ٿيو ۽ -ان- عهدي تي -آگسٽ- 1996ع تائين رهيو. سيپٽمبر 1996ع ۾ مرزا صاحب سيڪريٽري بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن مقرر ٿيو. ۽ 1997ع ۾ سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد جو چيئرمئن مقرر ٿيو. -آگسٽ- 1999ع ۾ ڊائريڪٽر پرائمري ايڊيوڪيشن حيدرآباد مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي لاءِ وٽس چيئرمئن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي اضافي چارج به رهي. مرزا صاحب ڊائريڪٽر پرائمري ايڊيوڪيشن حيدرآباد ڊويزن به رهيو آهي. 2004ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. -اعجاز- بيگ مرزا علمي ادبي گهراڻي سان واسطو رکڻ ڪري خود به -ان- ميدان ۾ قلم آرائي ڪئي آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) Critical Appreciation of Education Policy 1972.
(2) Critical Evaluation of Primary Schools of Hyderabad City.
(3) ”گلدسته قليچ“ (تاليف)
مرزا صاحب جي اڻ ڇپيل تصنيفن ۾ (1) ”مرزا خسرو بيگ جي سوانح“، (2) ”گرجستان ۽ گرجستان جا بادشاهه“ (تاريخ) شامل آهن.
هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيندڙ قليچ چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اعجاز علي بيگ مرزا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اعجاز علي بيگ مرزا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن