داخلا نمبر 1356
عنوان اعجاز علي شاهه شيرازي
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 371 ڀيرا
داخلا جو حوالو

اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاهه شيرازي: سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جهوني سياستدان سيد قادر ڏني شاهه جو پٽ آهي. هو 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽري سياست ۾ آيو. ان کان پوءِ 88ع ۽ 90ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي تڪ پي ايس 69 مان ۽ 2002ع ۾ تڪ پي ايس 86 مان آزاد اميدوار طور کٽيو ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار پڻ رهيو. هو گريجوئيٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو