داخلا جي تاريخ 2012-02-13
داخلا نمبر 1349
عنوان اعجازالحق قدوسي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 611 ڀيرا
داخلا جو حوالو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

اعجازالحق قدوسي

اعجازالحق قدوسي: محقق، تاريخدان ۽ شاعر. اعجازالحق قدوسي، جولاءِ 1905ع ۾ جالنڌر (ڀارت) ۾ ڄائو. شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ جي اولاد مان آهي. ديني علمن جي تڪميل هندستان جي مشهور ديني درسگاهه مظاهرالعلوم سهارنپور ۽ مدرسه دينيات سرڪار عالي حيدرآباد دکن مان ڪيائين. 1951ع ۾ ڀارت مان پاڪستان لڏي آيو. سندس عمر جو وڏو حصو علمي ادبي ادارن، خاص طرح سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪندي گذريو. سندس اصل موضوع تاريخ ۽ تذڪرا آهن. پنهنجي لکڻين ۾ تحرير جي فن جو خاص خيال رکيو اٿس. شعر گوئيءَ ۾ سندس حيثيت ٻئي درجي جي آهي. ’تذڪره صوفياءِ سنڌ‘، ’تذڪره صوفياءِ پنجاب‘، ’تذڪره صوفياءِ بنگال‘، ’تذڪره صوفياءِ سرحد‘، ’شيخ عبدالقدوس گنگوهي اور ان ڪي تعليمات‘، ’تزڪ جهانگيريءَ جو اردو ترجمو ۽ حاشيا‘ (2 جلد)، ’تاريخ سنڌ‘ (3 جلد، اردو)، ’اقبال اور علماء پاڪ و هند‘، ’تاريخ مغربي پاڪستان‘ ۽ ‘رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم ڪي صاحبزاديان‘ سندس اهم تصنيفون آهن. سندس خود نوشت سوانح حيات ”ميري زندگي ڪي 75 سال“ مڪتبه اسلوب، ڪراچيءَ 1988ع ۾ شايع ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.09.00  عيسوي

اعجازالحق قدوسي، جولاءِ 1905ع ۾ جالنڌر (ڀارت) ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون