اقبال

اقبال (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اصل ۾ اردو جي مشهور اديب احمد نديم قاسميءَ جو لکيل هو، جنهن جو سنڌي ترجمو مشهور اديب ولي رام ولڀ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي نظر ثاني مشهور اديب ظفر حسن ڪئي آهي. هي ڪتاب اقبال جي سوانح ۽ سندس ڪلام تي مشتمل آهي. رائل سائيز ۽ ڪچي جلد سان، 64 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب علامه اقبال جي سؤ ساله جنم ڏينهن جي موقعي تي بورڊ فار ائڊوانسمينٽ آف لٽريچر، لاهور پاران 1977ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


لفظ اقبالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو