الفي

اَلفي: يڪو چولو. ٻانُهن کان سواءِ ڊگهو پهراڻ. فقيرن جي ڪفني. انهيءَ لباس جي شروعات درويشن ۽ لاطمع فقيرن ڪئي، جو انهن، لباس کان بي نياز ٿي، هڪڙيءَ چادر کي وچان چير ڏيئي اهڙو لباس ٺاهيو، جنهن سان اڳ ۽ پٺ، پيرن تائين ڍڪجي وڃي. تاريخي لحاظ سان ان جي شروعات امام غزاليءَ کان ٿي، جنهن محل ماڙيون، ويس وڳا ترڪ ڪيا، تڏهن هڪڙيءَ چادر کي وچان چير ڏيئي يڪي چولي وانگر بدن کي ڍڪيائين ۽ راتو واهه پنڌ ڪري وڃي ڪنهن جبل جي غار ۾ ويٺو. هن وقت فقير فقراءُ به اهڙو لباس ڍڪيندا آهن، جنهن کي ”ڪفني“ چئبو آهي.


لفظ الفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو