داخلا نمبر 1699
عنوان الهرکيو ٻُٽ ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 512 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ

ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ

الهرکيو ٻُٽ ڊاڪٽر

الهرکيو ٻُٽ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ”ٻُٽ سِرائيءَ“ ۾، پهرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو شاهه محمد ٻُٽ هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. پاڻ لائبريري سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊي هئڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گولڊ ميڊلسٽ پڻ آهي. سندس بهترين تصنيفن ۾ ”سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ“، ”سنڌي رسالن جي تاريخ“، ”سماٽ“ ۽ ”سنڌي طباعت ۽ اشاعت“ شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لائبرري ۽ انفارميشن سائنس شعبي جو چيئرمئن رهيو آهي. قديم ڪتابن، لائبريري سائنس، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ انگريز عالمن تي سندس ڪيترا تحقيقي مضمون اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لئبريري ڪاميٽيءَ، تعليمي ۽ رٿابندي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽرن ۾ به شامل آهي. سندس رهائش ڄام شوري ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.12.01  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ ڳوٺ ” ٻُٽ سِرائيءَ “ ۾ ، پهرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون