جائزو

جائزو (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب هند سنڌ جي ناليواري شاعري هري دلگير جو لکيل آهي. انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ بابت مقالا آهن، ڪشنچند بيوس جي جنم ڏينهن تي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ ڀارت سرڪار پاران ڪرايل سيمينار ۾، جن اديبن مقالا پڙهيا، تن کي هري دلگير سهيڙي ڪتاب جي شڪل ڏني آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ به هري دلگير پاڻ لکيو آهي. ڪچي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي، ڪتاب ۾ ڪل 160 صفحا آهن. هيءُ ڪتاب 1993ع ۾ شايع ڪيو ويو.



لفظ جائزوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو