داخلا نمبر 1836
عنوان امام راشدي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 457 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

امام راشدي

امام راشدي: هن جو اصل نالو امام المتقين راشدي آهي ۽ بدرالدجيٰ راشديءَ جو فرزند آهي ۽ سنڌ جو ناميارو محقق ۽ اديب آهي. هي 3- ڊسمبر 1960ع تي پير جي ڳوٺ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. امام راشدي ايم. اي سنڌي ادب ۾(1978ع ۾) ڪئي آهي. هو هن وقت تعليم کاتي سان وابسته آهي ۽ استاد آهي. امام راشديءَ جا ڪيترائي تحقيق، تاريخي ۽ ادبي مقالا ۽ مضمون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، هن کي ٻاراڻي ادب سان پڻ گهڻي دلچسپي رهي آهي. هن جا ڪيترائي مضمون ۽ ڪهاڻيون ٻاراڻي ادب تي لکيل آهن، هو هن وقت پير جو ڳوٺ ۾ رهندڙ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.12.03  عيسوي

امام راشدي 3- ڊسمبر 1960ع تي پير جي ڳوٺ نئين ديري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون