داخلا نمبر 4320
عنوان امو کٽي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 369 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرئين جلد جو ضميمو

امو کٽي

امو کٽي: مزاحيه فنڪار ۽ اداڪار امو کٽيءَ جو پورو نالو امام بخش کٽي هو. هن 1938ع ڌاري جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. سندس خاندان، کٽيءَ جو ڌنڌو ڪرڻ سبب کٽي سڏجي ٿو. امو اڻ پڙهيل هو، ننڍپڻ کان ئي مزاج مطابق مزاحيه لطيفا چوندو هو. سنڌي ۽ اردو فلمن جا ڊائلاگ سکي، اداڪارن جهڙا ڪپڙا پائي ۽ تلوار کڻي ماڻهن کي ڪرتب ڏيکاريندو هو. جيڪب آباد جي ننڍن وڏن اسٽيج پروگرامن ۾ پڻ ڪردار ادا ڪندو هو. کيس سنڌي فلمن جي مشهور ڊائريڪٽر حسين علي شاهه فاضلاڻي سنڌي فلمن ۾ متعارف ڪرايو، جتي هن پنهنجي فن ۽ قابليت سان ”پرديسي“ ۽ ”عمر مارئي“ فلمن ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ اردو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي شوق سان لاهور ويو، جتي نامور اداڪارن محمد علي ۽ نديم سان گڏ اردو فلمن ”جاگ اٺا انسان“، ”ارمان“، ”انمول“ ۽ ٻين کوڙ فلمن ۾ ڪم ڪيائين. امو کٽي وات سان مختلف قسمن جا آواز ڪڍڻ سبب گهڻو ڪامياب ويو. هن پنهنجي فن ۾ ڪيترائي انعام ۽ اوارڊ پڻ حاصل ڪيا. امو کٽي 1980ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.001938  عيسوي

امو کٽي 1938ع ڌاري جيڪب آباد ۾ جنم ورتو .


00.00.1980  عيسوي

امو کٽي 1980ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون