داخلا نمبر 4044
عنوان امير علي شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 601 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

امير علي شاهه

امير علي شاهه: سيد امير علي شاهه ولد سيد نور علي شاهه تاريخ پهرين مئي 1947ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هڪ ديني عالم، اديب ۽ خطيب آهي. جيڪب آباد ۾ مئٽرڪ تائين پڙهيو. همايون شريف واري مدرسي مان درسِ نظاميءَ جي سند حاصل ڪيائين. جامع مسجد بخاري درگاهه جو گادي نشين به آهي. پنهنجي والد سيد نور علي شاهه جي عرس جو هر سال انتظام ڪندو آهي ۽ ان جي زندگيءَ تي هڪ جامع ڪتاب ”انوار نور علي شاهه“ نالي سان لکي 1997ع ۾ شايع ڪرايائين. پاڻ جماعت اهلِ سنت و جماعت ضلعي جيڪب آباد جو امير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.05.01  عيسوي

امير علي شاهه: سيد امير علي شاهه ولد سيد نور علي شاهه تاريخ پهرين مئي 1947ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون