سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بلڊنگ جو ڏيک
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جو ٽائيٽل
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سي ڊيءَ جو ٽائيٽل
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي ويو. 2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن مقرر ٿي آئي ته هن ترجيحي بنيادن تي هن رٿا تي نئين سر ڪم شروع ڪيو. محترم بدر ابڙي ۽ محمد عثمان ميمڻ جي رهنمائيءَ ۾ نوجوان ريسرچرن ٻيهر ڪم شروع ڪيو ۽ صبح شام جي محنت سان انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو هن سموري تحقيقي ڪم جي نگراني ۽ ادارت ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي جڏهن ته اداري جو سيڪريٽري تاج جويو پڻ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو نگران ۽ چيف ايڊيٽر سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چیئرمئن آهي. موجوده ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل مختلف عالمن ۽ ماهرن کان موضوعاتي لحاظ کان مواد جي نظرثاني پڻ ڪرائي ويندي آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جي مهورتي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اڳوڻي نگران اعليٰ محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ ڪئي، هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد 13 جو ڪم ريسرچ شعبي جي ريسرچ آفيسر محترم خان محمد جروارجي نگراني ۾ ٿي رهيو آهي.
2009.08.00 عيسوي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز’ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ‘جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو
2010.12.04 عيسوي
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نگران اعلى محترمه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي هٿان ڪيو ويو
1998.00.00 عيسوي
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو