انفرميشن ٽيڪنالاجي

انفرميشن ٽيڪنالاجي: ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيءَ جي گڏيل علم کي انفرميشن ٽيڪنالاجي/”انفوٽيڪ“ چئجي ٿو. هيءَ ٽيڪنالاجي ڪمپيوٽر ذريعي معلومات اخذ ڪرڻ، ان جو تحفظ، منتقلي، مٽا سٽا ۽ ڦھلاءُ لاءِ ڪتب اچي ٿي. عام طور تي انفرميشن ٽيڪنالاجي ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال ۽ معلومات جي موجودگي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. سائنسي طور تي انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي وصف هيٺين ريت ٿيندي: ڪمپيوٽر سان تعلق رکندڙ معلومات جي تخليق، ڊزائننگ، منتقلي، واڌاري، سڌاري، سپورٽ ۽ ترتيب واري سائنسي علم کي انفرميشن ٽيڪنالاجي چئبو آهي. سافٽ ويئر (پروگرام) ذريعي ڏنل معلومات جي مٽاسٽا، منتقلي، جمع بندي، حفاظت، اُن جي نشريات ۽ بحالي وغيره انفرميشن ٽيڪنالاجي جا اهم جزا آهن. موجوده وقت ۾ هيءُ اصطلاح تمام گهڻي وسعت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ڪمپيوٽنگ توڙي ٽيڪنالاجيءَ جي ڪيترن ئي پاسن کي پنھنجي دائري ۾ آڻي ٿو. هن شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو نيٽ ورڪنگ، انسٽاليشن ۽ ڊيٽا بيس جي مختلف شعبن ۾ پنھنجو فرض انجام ڏين ٿا. نه صرف ايترو، پر ادارن ۾ ڊيٽا مئنيجمينٽ، نيٽ ورڪنگ، هارڊ ويئر، انجينئرنگ، سافٽ ويئر ڊزائننگ، ويب ڊزائننگ ۽ ڪمپيوٽنگ واري سموري نظام جي ترتيب ۽ تنظيم به هن شعبي جي ماهرن جي محنت جو نتيجو آهي. هيءُ اصطلاح سڀ کان پھرين مشيگان جي جم ڊامسڪ (Jim Damsic) نومبر 1981ع ڌاري ايجاد ڪيو. ڊامسڪ، موٽرگاڏين سان لاڳاپيل هڪ ڪمپنيءَ ۾ ڪمپيوٽر مئنيجر طور ڪم ڪندو هو. سندس خيال هو ته ”ڊيٽاپروسيس“ وارو اصطلاح، جيڪو 1958ع کان استعمال ٿي رهيو هو، هاڻي ڪم جو نه رهيو آهي، تنھنڪري ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ ۽ جدت کي نظر ۾ رکندي، ان جي جڳهه تي ڪو نئون اصطلاح جوڙجي ۽ اُن کي انفرميشن ٽيڪنالاجي سڏڻ گهرجي. موجوده وقت ۾ دنيا جي سمورن ملڪن جي يونيورسٽين ۾ هن شعبي جو قيام عمل ۾ آندل آهي، جنھن سان هن شعبي جي ماهرن جو هڪ وڏو انگ مختلف ادارن ۾ پنھنجون خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ سنڌي انفرميٽڪس شعبو پڻ قائم ڪيل آھي، جنھن ۾ محترمه انيس ڪاڪا جي سربراهي ۾ آئي. ٽي جا ماھر سنڌي ٻوليءَ کي جديد تقاضائن ۽ ڪمپيوٽر جي دور سان ھم آھنگ ڪرڻ لاءِ پنھنجون ذميواريون نڀائي رھيا آھن. ھن وقت تائين ’سنڌي انفرميٽڪس شعبي‘ پاران جيڪي اھم ڪم ڪيا ويا آھن، انھن ۾: سنڌي او.سي.آر (آپٽيڪل ڪئرڪٽر ريڪگنيشن) جي تياري آھي، جنھن ۾ ڪمپيوٽيشنل پروگرامنگ جي مشيني اک، سنڌي ٻوليءَ کي تصوير ۾ پڙھي ۽ ان ۾ لکيل لفظن کي پروڙي لکت جي صورت ۾ آڻي ٿي، جيڪا لکت ترميم جوڳي پڻ ٿئي ٿي. سنڌي او.سي.آر جو پھريون ’بيٽا ڏيک‘ ٻوليءَ جا لفظ سڃاڻي ٽيڪسٽ/ لکت ۾ 96 سيڪڙو بھتر ڪم ڪري رھيو آھي. ان کان سواءِ ’سنڌي ٻوليءَ جي ترڪيب جو خودڪار سرشتو، جنھن ذريعي ڪمپيوٽرائي سرشتن: جن ۾ خودڪار ترجما، تصويرن مان سنڌي اکر ڪڍڻ ۽ مصنوعي آوازن جي مدد سان سنڌي ٻولي ڳالھائڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ملندي آھي. ’آن لائين سنڌي سکيا‘ جنھن وسيلي سنڌي ٻوليءَ جو مڪمل ڪورس ائپليڪيشن جي صورت ۾ تيار ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ٻارن جي سمجهاڻي لاءِ آواز ۽ ائنيميشن به جديد تاڃي پيٽي تي شامل ڪيا ويا آھن. ساڳي ريت ’آن لائين سنڌي ڊڪشنري‘ جنھن ۾ سنڌيءَ مان انگريزي يا انگريزيءَ مان سنڌي لفظن جا متبادل لفظ، پھاڪا، چوڻيون، محاورتي اصطلاح ۽ خاص لفظ ڳولي گهربل مفھوم پڙھي سگهجي ٿو. ھي سنڌي ٻولي/ لغت جو پھريون پورٽل آھي، جنھن ۾ لڳ ڀڳ ٽن لکن کان مٿي لفظن جي ڄاڻ موجود آھي. اڳڪٿي ٽائيپ ڪندڙ سنڌي ڪيبورڊ، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جملي 50337 لفظن جو مواد ھيٺين ريت اڳواٽ رکيل آھي؛ •ڪلياڻ آڏواڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو •سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين جو ڊيٽا بيس •عام ڳالھه ٻولھه ۽ کيڪاري جملن جو ڊيٽا بيس ’آن لائين لغتن جي ايڪسٽينشن‘ ذريعي گوگل ڪروم ۽ فائر فوڪس برائوزر تي ايندڙ انگريزي ۽ سنڌي لفظن جي معنيٰ ۽ تشرح ھڪ ڪلڪ تي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ھن ايڪسٽينشن جي مدد سان گوگل ٽرانسليشن ۾ به آساني ٿئي ٿي. ’آن لائين ورچوئل لائبرري‘ جنهن ۾ انفرميٽڪس شعبي پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جا ڇپيل ڪتاب آن لائين رکيا ويا آھن، جن کي سولائيءَ سان مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري يا آن لائين پڙھي سگهجي ٿو.’اينڊرائيڊ موبائل ائپليڪيشنون‘ جنھن ۾ يارھن لغتن جون اينڊرائيڊ ائپليڪيشنون ٺاھيون ويون آھن. ان کان سواءِ پھاڪن ۽ چوڻين تي مشمتمل ’ڦلواڙي‘ جي پڻ اينڊرائيڊ ائپليڪيشن (ايپ) تيار ڪئي وئي آھي. ان سان گڏوگڏ ’جامع سنڌي لغات‘ جي به اينڊرائيڊ موبائل ائپليڪيشن تيار ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ 80,600 کان وڌيڪ لفظ شامل آھن. ’سنڌي ٻاراڻا گيت‘ جنھن ۾ سنڌي انفرميٽڪس شعبي پاران سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙھندڙ ٻارن لاءِ سنڌي درسي ڪتابن جا نظم ۽ گيت رکيا ويا آھن.


لفظ انفرميشن ٽيڪنالاجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو