انور علي شاهه

انور علي شاهه: انور علي شاهه: سيد انور علي شاهه 1906ع ڌاري ڳوٺ جهانپور شريف تعلقي گهوٽڪيءَ، ضلعي سکر ۾ ڄائو. سندس شجرو اٺن واسطن کان پوءِ عبدالڪريم شاهه سبيءَ واري ۽ چوڏهن واسطن کان پوءِ مخدوم سيد جهانيان جهان گشت (1334-1308ع) سان ملي ٿو.جڏهن کيس اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ته ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنائين. مجبور ٿي مائٽن کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو. پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس تربيت جو ذمو سندس چاچي بهادرشاهه کنيو، جيڪو پاڻ عالم ۽ حافظ قرآن هو. انور شاهه کي جڏهن قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ته هڪ مهيني ۾ پڙهي پورو ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ جامع مسجد ۾ امامت به ڪيائين. نهايت سخي هوندو هو. ڳوٺ ۾ هڪ آشيانو به اڏيائين، جتي عقيدتمند ۽ مريد وٽس گهڻي انداز ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ وقت کان شاعري پڻ شروع ڪيائين. سندس شاعري سنڌيءَ، اردوءَ، سرائيڪيءَ ۽ فارسيءَ ۾ آهي. 5 جولاءِ 1962ع تي وفات ڪيائين. سندس مزار تي هر سال 21 محرم تي ميلو لڳندو آهي


لفظ انور علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

انور علي شاهه: سيد انور علي شاهه 1906ع ڌاري ڳوٺ جهانپور شريف تعلقي گهوٽڪيءَ ، ضلعي سکر ۾ ڄائو


1962.07.05  عيسوي

انور علي شاهه 5 جولاءِ 1962ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيدر شاهه سيد
احمد رضا
کيمن يو مولاڻي
سرور ڪيريو
مير عبدالله ٺٽوي سبزواري
اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
سليم بچاڻي
’خاڪي‘ سيد احمد شاهه
مشتاق بخاري
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون