انور قمبراڻي

انور قمبراڻي

انور قنبراڻي

انور قنبراڻي: مشهور ڪئسٽي شاعر علي انور ولد ميوو خان قنبراڻي سال 1963ع ۾ ڦلوءَ جي ڳوٺ تعلقي جوهي/ ڪاڇي (ضلعي دادوءَ) ۾ ڄائو. 1967ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري ٻني ٻاري جي ڪم کي وڃي لڳو. 20 سالن جي عمر ۾ ڳوٺ ڇڏي دادو شهر لڏي آيو. ابتدا ۾ استاد بخاريءَ کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين. انور قنبراڻي محبت ۽ وڇوڙي بابت تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪئسٽ جو مشهور شاعر آهي. سندس منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل ڪلام ”ڪو نه بچسان، درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان“ کان ڪافي مشهور ٿيو. هن جي شاعري منظور سخيراڻي، جلال چانڊيي، الهداد زرداري، سرمد سنڌي ۽ ٻين فنڪارن وڏي تعداد ۾ ڳائي آهي. هن جي ڪلامن جون 200 کان مٿي ڪيسٽون نڪري چڪيون آهن. جڳ مشھور سنڌ جو عوامي شاعر انور قمبراڻي دل جي دوري سبب 10 ڊسمبر 2018ع تي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ انور قنبراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.00.00  عيسوي

مشهور ڪئسٽي شاعر علي انور ولد ميوو خان قنبراڻي سال 1963ع ۾ ڦلوءَ جي ڳوٺ تعلقي جوهي/ ڪاڇي ( ضلعي دادوءَ ) ۾ ڄائو .


2018.12.10  عيسوي

ناليواري شاعر انور قمبراڻي دل جي دوري سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول حمزه توف
محمد ابراهيم خليل ٺٽوي
صمد حسين رضوي
خليفو محمود نظاماڻي
بلوچ هدايت
سترام داس جڳياس
شاهه حسين ماڌو لال
چانڊيو عاشق
بِنگو گوپانگ
بهاول فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون