داخلا ؛ 3634
پڙهيو ويو ؛ 591
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-24


تصويرون




ٽائيم لائين

1924.09.02-A.D
انيس خورشيد 2 سيپٽمبر 1924ع تي مهاراشٽر ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--انيس خورشيد ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ انيس خورشيد ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

انيس خورشيد، ڊاڪٽر: پروفيسر ڊاڪٽر انيس خورشيد، لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ شهرت رکندڙ آهي. 2 سيپٽمبر 1924ع (رڪارڊ موجب 21 مارچ 1926ع) تي مهاراشٽر ۾ ڄائو. سندس علمي ڪاوشن جو تفصيل هن طرح آهي:
1954ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ ڪلاسيفاير مقرر ٿيو. 1957ع ڌاري ساڳي يونيورسٽيءَ مان لائبرري سائنس جي مضمون ۾ ڊپلوما ڪيائين. 1959ع ڌاري -آمريڪا- جي ريوجرس (Rutgers) يونيورسٽيءَ مان لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ ايم. اي ڪيائين. 62- 1961ع ڌاري ”پاڪستان لائبرري ائسوسيئيشن“ جو ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو. 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”لائبرري ۽ انفارميشن سائنس“ جي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1969ع ۾ -آمريڪا- جي ”پٽسبرگ“ (Pittsburgh) يونيورسٽيءَ مان لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1970ع کان 1973ع تائين ٻيهر -پاڪستان- لائبرري ائسوسيئيشن جو ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1972ع کان 1986ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لاڳاپيل شعبي ۾ چيئرمئن جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون. -ان- کان سواءِ 1976ع کان 1978ع تائين ڏکڻ -ايشيا- جي علائقائي سرگرمين (آءِ. ايف. ايل. ايز) جو چيئرمئن رهيو.
ڊاڪٽر انيس خورشيد جا لکيل مضمون مختلف -اردو- ۽ -انگريزي- اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. پي.ا يڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل سندس مقالو پٽسبرگ يونيورسٽيءَ طرفان ڇاپيو ويو آهي. -ان- کان علاوه قائداعظم جي زندگيءَ تي سندس لکيل ڪتاب جا ٻه جلد، قائداعظم اڪيڊميءَ پاران شايع ڪيا ويا آهن. سندس لکيل -ٻه ڪتاب- ”ڪئٽلاگنگ آف پاڪستاني نيمس“ ۽ ”جديد ڪئٽلاگ سازي“ -پاڪستان- جي تعليمي ادارن ۾ نصاب طور پڙهايا وڃن ٿا. اُن کان سواءِ ”پلاننگ ائنڊ مئنيجمينٽ آف لائبرري ائنڊ انفارميشن سروسز اِن پاڪستان“ به سندس اهم -تصنيف- آهي. 1996ع ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ تي کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -انيس خورشيد ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انيس خورشيد ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن