داخلا ؛ 4059
پڙهيو ويو ؛ 560
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-29


تصويرون




ٽائيم لائين

00.00.1915-A.D
عبدالمجيد ” ماجد “ پٽ فقير خاصخيلي ( خليفو ) 9 ذوالحج 1320هه/1915ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو .

00.00.1995-A.D
عبدالمجيد اهروي 1995ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--اهروي عبدالمجيد ماجد

ٽائيٽل ؛ اهروي عبدالمجيد ماجد


شاخ : شخصيت

اهروي، عبدالمجيد ”ماجد“: عبدالمجيد ”ماجد“ پٽ فقير خاصخيلي (خليفو) 9 ذوالحج 1320هه/1915ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزيءَ جي -تعليم- وٺڻ لاءِ سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، -جتي- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم قاضي عبدالقيوم جي صحبت ۾ طب سکڻ لڳو. گھرو مجبورين سبب انگريزيءَ جا ٽي درجا پڙهڻ کانپوءِ -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ آيو ۽ پنهنجي گھر جو ڪاروبار هلائڻ لڳو. ساڳي وقت ولهيٽ جي مدرسي ۾ مولوي عبدالڪريم ساند وٽ عربي ۽ فارسيءَ جي ڪجهه -تعليم- حاصل ڪيائين. اڳتي هلي طب جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. طب سان گڏوگڏ ڳوٺ ۾ ٻارن کي ديني -تعليم- به ڏيندو هو ۽ آخر وقت تائين ڳوٺ جي -جامع مسجد- جو پيش -امام- رهيو. سندس وڏا صوفي صادق فقير سومري جا مجاور هئا، تنهنڪري والد جي وفات کانپوءِ پاڻ به درگاهه جو مجاور ٿي رهيو. عبدالمجيد اهروي 1995ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه صوفي صادق فقير جي مقام ۾ آهي.
عبدالمجيد کي شاعري ورثي ۾ ملي. شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ئي هاريءَ جي شان ۾ لکيل هڪ شعر سان ڪيائين. ننڍپڻ ۾ لکيل سندس واقعاتي شعر جيڪڏهن پڙهي ڏسبا ته ڏاڍا دلچسپ لڳندا. 1952ع کان باقاعدي شاعري ۾”ماجد“ تخلص اختيار ڪيائين، سندس ڳوٺ جنهن هنڌ آهي، انهيءَ ديهه جو نالو ”اُهر“ آهي. انهيءَ نسبت سا ”اُهروي“ چوائڻ ۽ لکڻ لڳو. صوفي قلندر بخش شهيد، محمد فقير کٽياڻ ۽ رکيل شاهه ڀاڳناڙيءَ وارو سندس صحبتي هئا. عبدالمجيد ”ماجد“ بزم ادب، صوفي فقير جو آخر تائين جنرل سيڪريٽري رهيو. سندس ڪلام ڏوهيڙن، بيتن، ڪافين، نظمن، غزلن، مداحن، ٽيهه اکرين، مناظرن، ٽيهين ڏينهن وغيره تي مشتمل آهي. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام نصيحت آميز عشق محبت جي ذڪر سان ڀرپور آهي. سندس شاعريءَ ۾ فني پختگي به آهي. ڪلام جي -ٻولي- سادي ۽ سلوڻي آهي. سندس ڪيترائي نظم ۽ قطعا تاريخي حيثيت رکن ٿا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -اهروي عبدالمجيد ماجد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اهروي عبدالمجيد ماجد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن