اوريا اُڙيا

اوريا/ اُڙيا (Oriya ):هي ٻولي اُريا (Uriya)، اُتڪلي (Utkali)، اوڏڙي (Odri) اوڊرم (Odrum) اوليا (Oliya) اوڙيسا (Orisa) واڊيا (Vadiya) ۽ يڌيا (Yudhiya) جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي.
مغل بندي (Mughal bandi) اوريا جو معياري لهجو آهي. ڏاکڻي اوريا، اترين اوريا، الهندي اوريا، جنهن کي سمبل پوري به چون. اتر بلاسور (Balasoore) اوريا، مدناپوري اوريا، هلبي (Halbi). هر لهجي کي وري ننڍا ننڍا لهجا آهن.
هيءَ ٻولي هندستان جي اوڙيسا، جهار کنڊ، رانچي ضلعن ۾، ڇتيس ڳڙهه، راءِ ڳڙهه، راءِ پور، بستار ضلعن ۾، اولهه بنگال، مديني پور ضلعن ۾ آسام، آنڌرا پرديس کان سواءِ بنگلاديش ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هندستان ۾ هن جا ڳالهائيندڙ 31666000 کن ٿيندا.
هڪ خيال آهي ته هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي ٻولين جي مشرقي خطي جي شاخن مان آهي. جڏهن ته ٻئي خيال موجب دراوڙي آهي. هيءَ ٻولي اوريائي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي اصل ۾ اوڏن جي ٻولي آهي. هڪ خيال آهي ته اوڙيسا، اوڏر ديش کي چون ٿا. اوڏن جي سنڌ ۾ موجودگيءَ سبب چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ٻولي سنڌ ۾ به ڳالهائي ويندي آهي، پر ان تي سنڌيءَ جو گهڻو اثر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو