اوهان جي پڄاڻان - ڪتاب

اوهان جي پڄاڻان - ڪتاب

اوهان جي پڄاڻان

اوهان جي پڄاڻان (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مشهور سياستدان ۽ قلمڪار رسول بخش پليجي جي شاعريءَ جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد جي مالڪ ناز سنائيءَ 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. پهرئين ڇاپي جي قيمت 40 رپيا ۽ ٻئي ڇاپي جي قيمت 100 روپيا آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار خاتون نور الهديٰ شاهه لکيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”پليجي صاحب جا هي ترجما ۽ سندس پنهنجا ڪجهه نظم ذهن جي سوڪهڙي تي برسات جي شروعاتي بوندن جيان ڪرن ٿا“. هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۽ پشتو ٽپن جي ترجمن سان گڏ عربي شاعري، جپاني شاعري، فارسي شاعريءَ جا ترجما خاص ڪري روميءَ، حافظ ۽ خيام جا ترجما شامل ڪيا آهن.


لفظ اوهان جي پڄاڻانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو