اوڌو داس تارا چند اسپتال

اوڌو داس تارا چند اسپتال

اوڌو داس تارا چند اسپتال

اوڌو داس تارا چند اسپتال: هيءَ اسپتال شڪارپور شهر جي مک اسٽيشن روڊ تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر -1 جي سامهون واقع آهي. شهر جي هڪ سماجي ڪارڪن ۽ خدمتگار جي اڻٿڪ ڪوششن سان هن اسپتال جي پيڙهه جو پٿر 3 اپريل 1933ع تي سکر ضلعي جي تڏهوڪي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ . ٽي سورلي رکيو ۽ جڏهن هيءَ اسپتال جڙي راس ٿي ته ان جي افتتاح جي رسم تڏهوڪي بمبئي پرڳڻي جي گورنر لارڊ برابورن 2 فيبروري 1935ع تي ادا ڪئي. انهيءَ رسم جي موقعي تي اسپتال جي سڀا پاران انگريزيءَ ۾ ڇپيل هڪ سپاسنامو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نه رڳو سندس آمد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو پر اسپتال جي شروعاتي رٿا کان وٺي ان جي راس ٿيڻ تائين سموري وارتا بيان ڪئي ويئي. ان وقت جو اهو سپاسنامو اڄ به هڪ مڪمل تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: اوڌوداس)


هن صفحي کي شيئر ڪريو