سيسي  (SESSI)

سيسي (SESSI)

سيسي

سيسي (SESSI): ملڪ ۾ سوشل سڪيورٽي اسڪيم مارچ 1967ع ڌاري ويسٽ پاڪستان ايمپلائيز سوشل سڪيورٽي آرڊيننس (1965) تحت انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جي سهڪار سان متعارف ٿي. اهڙيءَ ريت ادارو ’سنڌ ايمپلائيز سوشل سڪيورٽي انسٽيٽيوٽ (SESSI) پهرين جولاءِ 1970ع تي قائم ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀـُٽي جي دور حڪومت ۾ هي ادارو عروج تي هو. مزدورن ۽ ملازمن لاءِ مفت ڊسپنسريون ۽ سندن ٻارن لاءِ اسڪول به کوليا ويا. ابتدائي طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٽيڪسٽائل صنعتن سان لاڳاپيل پورهيتن جي فلاح جي مقصدن تحت هي ادارو وجود ۾ آيو، بعد ۾ هي ادارو سنڌ ۾ قائم سڀني قسمن جي صنعتي مزدورن جي فلاح لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو.
هي هڪ خود مختيار ادارو آهي. ان جي گورننگ باڊي ’سيسي‘ جو چيئرمن، ليبر ڊپارٽمنٽ جو صوبائي وزير، جڏهن ته ليبر ڊپارٽمنٽ، انڊسٽريز، صحت کاتي ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽرين سميت ميڊيڪل ايڊوائيزر (سيسي)، ڪمشنر (سيسي) ۽ ملازمن ۽ ورڪرن جا 3-3 نمائندا پڻ گورننگ باڊيءَ جا ميمبر آهن.
سيسي‘ جو ڪمشنر اداري جو انتظامي سربراهه هوندو آهي، جنهن جي معاونت اسسٽنٽ ڪمشنر ڪندو آهي. هن وقت مخدوم شڪيل الزمان هن اداري جو ڪمشنر آهي. هي ادارو پنهنجا مالي وسيلا پاڻ پيدا ڪري ٿو، جنهن لاءِ مکيه ذريعو ’سوشل سڪيورٽي ڪنٽريبيوشن‘ آهي، جنهن تحت اسڪيم ۾ رجسٽرڊ ملازمن جي روزاني پگهار جو 6 سيڪڙو ڪتب آندو وڃي ٿو.
سيسي جي هيڊ آفيس ڪراچيءَ م قائم آهي. هي ادارو ’خدمت‘ جي جذبي تحت قائم ٿيو، جنهن جو اصل مقصد پورهيت طبقي جي فلاح ۽ انهن جي مالي امداد جون اسڪيمون متعارف ڪرڻ رهيو آهي. انهن اسڪيمن تحت ’سيسي‘ پنهنجي بجيٽ جو 70 سيڪڙو پورهيتن لاءِ صحت جي سهولتن تي خرچ ڪري ٿو. ان کان سواءِ ڪنهن بيماريءَ، گهر ۾ زچگيءَ، ڪنهن ڌڪ لڳڻ يا معذور ٿيڻ، يا ڪنهن مزدور جي فوت ٿيڻ تي سندن مالي مدد ڪئي وڃي ٿي.


لفظ سيسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو