داخلا نمبر 2899
عنوان اياز پاٽولي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 573 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
اياز پاٽولي

اياز پاٽولي

اياز پاٽولي

اياز پاٽولي: سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جي سلسلي ۾ غير معمولي ڪم ڪندڙن ۾ اياز پاٽوليءَ جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن مجموعي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي نقصان ٿيو، تڏهن ٻارن لاءِ لکندڙ ڪيترن ئي اديبن جي هندستان لڏي وڃڻ ڪري، ٻارن لاءِ لکڻ ۽ اشاعتي ڪمن جو سلسلو پڻ بند ٿي ويو. اهڙيءَ صورتحال ۾ اياز پاٽولي ئي هو، جنهن ”اداره گلشن ادب“ ۽ ”بزم گلشن سنگت“ جو قيام عمل ۾ آڻي، ٻيهر سنڌي ٻاراڻي ادب کي جياريو.
اياز پاٽوليءَ جو جنم 2 اپريل 1939ع تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد هاشم پاٽولي آهي. هن 1954ع کان اياز پاٽوليءَ جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين مسلسل ٻارن لاءِ لکي رهيو آهي. سڀ کان پهرين سندس واسطو ”ٻارن جي محفل“ سان رهيو. بعد ۾، جنوري 1957ع ۾ ”اداره گلشن ادب“ جو قيام عمل ۾ آڻي، ان جي پليٽ فارم تان ٻاراڻا اشاعتي سلسلا جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. هن جولاءِ 1960ع ۾ ”بزم گلشن ادب“ جو به قيام عمل ۾ آندو. سندس تنظيم ۽ اداري پاران ٻارن لاءِ ڇپيل ڪتابن جو تعداد تقريباً 300 (طبعزاد توڙي ترجمو/ ترتيب) آهي. هن 77- 1976 ۾ ”ٻارن جو ڊائجسٽ“ ۽ ”گلشن ڊائجسٽ“ نالي سان ٻارن جا ڊائجسٽ به جاري ڪيا.
اياز پاٽولي سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ مسلسل 51 سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي. مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ سندس ڇپيل مواد تمام گهڻو آهي. هن نه رڳو ٻارن لاءِ لکيو آهي، پر اداره گلشن ادب ٽنڊي محمد خان طرفان ڪيترائي نوان اديب ۽ شاعر پڻ متعارف ڪرايا آهن. هن وقت هُو ٽنڊي محمد خان شهر ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنهنجو هڪ پسارڪو دڪان هلائي رهيو آهي. سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن پاران بيشمار اوارڊ مليل آهن. ٻارن لاءِ سندس لکڻيون اڄ به سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.04.02  عيسوي


اياز پاٽولي 2 اپريل 1939ع تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ پيدا ٿيو   عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون