پنکڙيون

پنکڙيون (ڪتاب): هي ساهتي پرڳڻيءَ ۾ 1932ع ڌاري جنم وٺندڙ ليکڪا ۽ شاعره ليلا سامتاڻيءَ جو شعري مجموعو آهي، جنهن تي ٻه اکر ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي لکيا آهن ۽ ڪتاب جو مهاڳ هيري ٺڪر لکيو آهي. هن شعري مجموعي ۾ ليلا سامتاڻيءَ جا گيت ۽ ٻي شاعري شامل آهي. هن ڊيمي سائيز جي 100 صفحن واري ڪتاب جي قيمت 60 رپيا آهي. هي ڪتاب فوڪس امپريشن، آريا بستي، ڪوٽلا مبارڪپور دهليءَ مان جولاءِ 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


لفظ پنکڙيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو