داخلا ؛ 2911
پڙهيو ويو ؛ 2380
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-03-16


تصويرون


Ayaz-Gul.jpg
اياز گل
اياز گل



ٽائيم لائين

1959.03.06-A.D
اياز گل سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--اياز گل

ٽائيٽل ؛ اياز گل


شاخ : شخصيت

اياز گل: نئين ٽهيءَ جو نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو -اياز- علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي -جنم- ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ -اياز گل- جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. -اياز گل- نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس 6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ -اياز گل- جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي.
اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. -ان- کان علاوه کيس مختلف انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون پڻ مليون آهن، -جن- ۾:
ميمبر سينيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2003ع کان اڄ تائين. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2009-2006)، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر (2006ع کان اڄ تائين)، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (08-2007)، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي (1991ع کان اڄ تائين)، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ -اياز- چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2003ع کان اڄ تائين)، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ.
اياز گل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ،شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن.
گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پهرين پوزيشن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع، ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع، سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع، -استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع، سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع، تيرهون اسٽار اوارڊ (سائوٿ -ايشيا- پبليڪيشن طرفان) 2003ع، پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع، ’شيخ اياز‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊون.
اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو -ايڊيٽر- ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع، 2. گل ۽ -تارا- (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع، 3. پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع، 4. ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1984ع، 5. توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع، 6. دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع، 7. سکر جون يادگيريون (سهيڙيل ۽ ايڊٽ ڪيل) 2001ع، 8. پوان شل قبول (تنوير عباسيءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب) 2006ع، 9. روشن آسانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع.
جڏهن ته سندس ڪتاب ”زنگ لڳل زندگي“ ۽ ”رنگن واري دنيا“ ڇپائيءَ هيٺ آهن. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، -برڪت- ڀٽ، ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. -اياز گل- پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين اياز‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اياز گل- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اياز گل - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن