ايمن ڪلياڻ

ايمن ڪلياڻ (راڳڻي ):ڪلياڻ ٺاٺ جي راڳڻي آهي، جيڪا ايمن ۽ بلاول جي ميلاپ مان جوڙيل آهي. هي سمپورن راڳ آهي، امروهيءَ ۾ مڌم شڌ به لڳندو آهي. هن راڳڻي جي آروهي سا- ري- گا- ما- پا- ڌا- ني- سا ۽ امروهي ساني ڌي پا مي گي ري سا آهي.
هن راڳ ۾ خوبصورتي لاءِ امروهي ۾ گنڌار سان گڏ مڌم ڪومل ڪمزور ڪري لڳائجي. هن راڳڻي جو خاص سرگم هي آهي: پا- مي- گي- ماگي- ري- ڌي ني ري- سا- ني ني ڌي پا- سا- ڌي سا- ني ري- گي- پا- گي پا- ڌي مي پا- ري- گي ما گي- ري- ڌي ني- ري- سا آهي، جڏهن ته وادي سُر گنڌار تيور ۽ سموادي سُر نکاد تيور، رات جي شروع واري پهر ۾ ڳائبي آهي.


لفظ ايمن ڪلياڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو