بئراج سيٽلمينٽ رپورٽون سنڌ جا مختلف تعلقا

بئراج سيٽلمينٽ رپورٽون سنڌ جا مختلف تعلقا: هيٺ ڄاڻايل تعلقن جون رپورٽون، جيڪي ايڇ. ٽي لئمبرڪ جون لکيل آهن، اهي ڊبل رايل سائيز ۾ ڇپيل آهن، جيڪي هند سرڪار، ڪمشنر پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپايون. انهن مان هرهڪ جلد جي قيمت ڏيڍ، ٻه، اڍائي، ٽي آنا رکيل آهي. حالانڪه رپورٽن ۾ صفحا، ڪن ۾ ٿورا ۽ ڪن ۾ گهڻا آهن، پر قيمت ۾ گهڻو فرق نه رکيو ويو آهي، جيڪي رپورٽون دستياب ٿيون آهن، اهي هيٺ ڄاڻايل آهن:
رپورٽ تعلقو ٽنڊوالهيار، صفحا 68، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو ٽنڊو باگو، صفحا 24، قيمت 2 آنا. رپورٽ تعلقو جوهي، صفحا 29، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو جيمس آباد، صفحا 23، قيمت ٻه آنا. رپورٽ تعلقو حيدرآباد، صفحا 22، قيمت ٻه آنا. رپورٽ تعلقو دادو، صفحا 24، قيمت ٻه آنا. رپورٽ تعلقو ديرو محبت، صفحا 34، قيمت ٽي آنا. رپورٽ تعلقو ڊگهڙي، صفحا 32، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو رتوديرو، صفحا 32، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو روهڙي، صفحا 9، قيمت ڏيڍ آنو. رپورٽ سامارو، صفحا 34، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو سانگهڙ، صفحا 26، قيمت ڏيڍ آنو. رپورٽ سانگهڙ، صفحا 14، قيمت ڏيڍ آنو. رپورٽ تعلقو سانگهڙ، صفحا 14، قميت ڏيڍ آنو. رپورٽ سڪرنڊ، صفحا 34، قيمت ٽي آنا. رپورٽ تعلقو سکر، صفحا 12، قيمت ڏيڍ آنو. رپورٽ تعلقو سيوهڻ، صفحا 25، قيمت ڏيڍ آنو. رپورٽ تعلقو شهدادپور، صفحا 68، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو عمرڪوٽ، صفحا 30، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو قنبر، صفحا 29، قيمت ٻه آنا. رپورٽ تعلقو ڪنڊيارو، صفحا 38، قيمت ٽي آنا. رپورٽ تعلقو لاڙڪاڻو، صفحا 24، قيمت ٻه آنا. رپورٽ تعلقو ماتلي ۽ ڏيپلو، صفحا 12، قيمت اڌ آنو. رپورٽ تعلقو مورو، صفحا 36، قيمت ٽي آنا. رپورٽ تعلقو ميرپورخاص، صفحا 28، قيمت ٻه آنا. رپورٽ تعلقو ميروخان، صفحا 28، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو ميهڙ، صفحا 30، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو نوابشاهه، صفحا 44، قيمت ساڍا ٽي آنا. رپورٽ تعلقو نوشهروفيروز، صفحا 42، قيمت ٽي آنا. رپورٽ تعلقو وارهه، صفحا 30، قيمت اڍائي آنا. رپورٽ تعلقو هالا، صفحا 30، قيمت اڍائي آنا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو