بئريسٽر عبدالرحمان

بئريسٽر عبدالرحمان

بئريسٽر عبدالرحمان

بئريسٽر عبدالرحمان: نامور سياسي ۽ سماجي ڪارڪن بئريسٽر عبدالرحمان ولد حافظ محمد يعقوب ميمڻ 17 سيپٽمبر 1880ع تي هالا (ضـلـعـي حيدرآباد، هاڻي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ڪراچيءَ جي مشهور وڪيل ڪلو مل جي فرم ۾ ٻه سال ڪم ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو، جتان ’لنڪن ان‘ مان بئريسٽريءَ جي سند وٺي، 1912ع ۾ موٽي سنڌ آيو. هن وڪالت کان سواءِ تعليمي، سماجي ۽ سياسي ميدان ۾ به چڱو نالو ڪمايو. عبدالرحمان سنڌ مدرسي بورڊ جو 1912ع کان وٺي 1929ع تائين ميمبر رهيو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. هڪ سال لاءِ سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو صدر به ٿي رهيو. سال 1913ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس وقت منتظمين ۾ به شامل هو.1929ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ويو، جتي قانون جي پيشي ۾ چڱو نالو ڪڍيائين. ڪافي عرصو اتي رهي واپس وطن موٽيو ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر بڻيو. 1940ع ۾ طبيعت ۾ ناسازيءَ ڪري صرف خاص ڪيس کڻندو هو، جن ۾ سندس ٻه پٽ طفيل علي عبدالرحمان ۽ حسن علي عبدالرحمان ساڻس گڏجي ڪم ڪندا هئا. سنڌ جو هيءُ ناليوارو قانوندان، 26 فيبروري 1943ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو.


لفظ بئريسٽر عبدالرحمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.09.17  عيسوي

بئريسٽر عبدالرحمان 17 سيپٽمبر 1880ع تي هالا ( ضـلـعـي حيدرآباد ، هاڻي مٽياريءَ ) ۾ جنم ورتو


1943.02.26  عيسوي

بئريسٽر عبدالرحمان 26 فيبروري 1943ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير نور شاهه هاشمي
مخدوم عبدالواحد سيوستاني
اي آر بلوچ
سورداس
مرزا محمد صالح ٺٽوي
درويش بابو سنڌي
بهادر خان علياڻي
علامي محمد ٺٽوي
ٿيوڊر روز ويلٽ
عامر خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون