داخلا نمبر 25
عنوان بابا نيڀراڄ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 806 ڀيرا
داخلا جو حوالو
بابا نيڀراڄ

بابا نيڀراڄ

بابا نيڀراڄ

بابا نيڀراڄ: سنڌ جو بهترين صوفي شاعر ۽ بزرگ، بابا نيڀراڄ 1875ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو. هيءُ هندن جي ”ڀاٽيا“ ذات مان هو. شاگرديءَ واري دور ۾ هوشيار هو ۽ هميشه سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو هو. فائنل پاس ڪري، اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ لڳو.
بابا نيڀراڄ کي سنڌ جي نامياري صوفي شاعر قادربخش بيدل جي صحبت حاصل ٿي، جنهن وٽان هن گهڻو فيض پرايو. بيدل فقير جي فرزند بيڪس فقير سان به سندس صحبت هئي. پاڻ سدائين مالڪ جي بندگيءَ ۾ مشغول رهندو هو. روايت آهي ته هڪ دفعي هو ايشور جي عبادت ۾ ايترو ته گم ٿي ويو، جو اسڪول وڃڻ جي ڳالهه به وسري ويس ۽ ان ڏينهن تي انسپيڪشن به هئي. هن ٻئي ڏينهن وڃي هيڊماستر کي سچ ٻڌايو ۽ حيران رهجي ويو، جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته، تون ته ڪالهه انسپيڪشن ۾ موجود هئين! بابا نيڀراڄ ان واقعي کي مالڪ جو راز سمجهيو. پاڻ سڄي زندگي مجذوبيت واري حالت ۾ گذاريائين. 1949ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس تصنيفن ۾ ”پاڻ ٿو ڄاڻي“ ۽ ”راءُ ريجهايوسين“ مقبول ڪتاب آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1875.00.00  عيسوي

سنڌ جو بهترين صوفي شاعر ۽ بزرگ ، بابا نيڀراڄ 1875ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو . هيءُ هندن جي ” ڀاٽيا “ ذات مان هو .


1949.00.00  عيسوي

سنڌ جو بهترين صوفي شاعر ۽ بزرگ ، بابا نيڀراڄ 1949ع ڌاري وفات ڪري ويو


  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون