ڪوشليا

ڪوشليا: پھرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ جي هيروئن ڪوشليا، اتر پرديش، هندستان جي مشھور ڪٿڪ ڪلاڪار لڇو مھراج جي ڌيءَ هئي. هُو هندي فلمن جي بھترين اداڪاره، ڳائڻي ۽ رقاصه هئي. ڪٿڪ ناچ تي کيس عبور حاصل هو، جنھن جي سکيا هن پنھنجي والد کان ورتي. هن 1939ع ۾ سنڌي فلم ’ڀولي ڀالي‘ ۾ ڪم به ڪيو. جڏهن رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1942ع ۾ سنڌي فلم ’ايڪتا‘ ٺاهي، ته ميوزڪ ڊائريڪٽر گلشن صوفي جي معرفت ڪوشليا کي هيروئن لاءِ چونڊيو، جنھن مادري ٻوليءَ هندي هجڻ باوجود هري شوداساڻي جي مدد سان سنڌي ڊائلاگن ادا ڪرڻ ۾ ڀرپور نڀايو. اها فلم تاج سئنيما، ڪراچي ۾ ڏيکاري وئي هئي.


لفظ ڪوشلياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو