داخلا نمبر 47
عنوان بابو غلام حسين
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 684 ڀيرا
داخلا جو حوالو
بابو غلام حسين

بابو غلام حسين

بابو غلام حسين

بابو غلام حسين: ٺٽي ضلعي جو مشهور سياستدان بابو غلام حسين ولد حاجي عبدالرحيم ميمڻ 8 جنوري 1938ع تي ٺٽي جي ’سوني منڊي‘ محلي ۾ ڄائو. هن شروعاتي ۽ ثانوي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر ۽ بي. اي ڪري، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي ڪيائين. سياسي زندگيءَ جو آغاز 1964ع ڌاري فاطمه جناح واري اليڪشن ۾ ايوب خان جي مخالفت سان ڪيائين. 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
1972ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. 1987ع ڌاري لوڪل باڊيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي، پوءِ لاڳيتو 1988ع، 1991ع، 1993ع ۽ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ضلعي ٺٽي مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ 11 مهينا جيل ۾ رهيو. پاڻ پيپلز پارٽيءَ جو مخلص ۽ سرگرم ڪارڪن آهي. هن وقت ٺٽي جي ’سوني منڊي‘ محلي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.01.08  عيسوي

ٺٽي ضلعي جو مشهور سياستدان بابو غلام حسين ولد حاجي عبدالرحيم ميمڻ 8 جنوري 1938ع تي ٺٽي جي ’ سوني منڊي ‘ محلي ۾ ڄائو


  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون