داخلا نمبر 95
عنوان بادليئو
شاخ ادب
پڙهيو ويو 127 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بادليئو

بادليئو: هيءُ لوڪ گيت خاص ڪري ٿر جي مارو ماڻهن ۾ مقبول آهي، جيڪو وسڪاري جي مند ۾ چوندا آهن. هيءُ گيت عورتون ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ ڄڻ ته وسڪاري جي اُميد جو اظهار ڪيو ويندو آهي. جديد شاعرن مان شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ نوجوان شاعر خير محمد ’ڪوي‘ (جهمپير واري) هن عنوان سان جديد گيت لکيا آهن.
ٿري بادليئي جا ٻول هيٺينءَ طرح آهن:
بادليئا! تون برس، امراڻي ري ڏيس،
تو بنا هاري، هريئا نه کيڙي،
تو بنا هيڪلي ڦري ڀتوئاري.

(اي ڪڪر! تون عمرڪوٽ تي اچي وس، توکان سواءِ هاري ٻني نٿا کيڙين ۽ تو کانسواءِ ڀتوئاري (هارياڻي، جيڪا ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙن لاءِ ماني/ ڀتو کڻي ويندي آهي) پريشان آهي).


هن صفحي کي شيئر ڪريو