باسڪٽ بال

باسڪٽ بال

هڪ رانديگر بال کي ٽوڪريءَ ۾ وجهي پوائنٽ حاصل ڪندي

هڪ رانديگر بال کي ٽوڪريءَ ۾ وجهي پوائنٽ حاصل ڪندي

باسڪٽ بال راند جو هڪ منظر

باسڪٽ بال راند جو هڪ منظر

باسڪٽ بال

باسڪٽ بال: ’باسڪٽ بال‘ هڪ راند آهي، جيڪا پهريائين آمريڪا ۾ شروع ٿي. هن راند ۾ ٻن ٽيمن جا پنج پنج رانديگر حصو وٺندا آهن. باسڪٽ بال جي ڪورٽ جي ٻنهي سرن کان ڏهن ڏهن فوٽن جي ٻن ڊگهن لڪڙن يا پائپن تي هڪ تختو هوندو آهي ۽ ان تختي جي وچ ۾ ارڙهن انچ قطر جو سوراخ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڄاري هوندي آهي. جنهن کي باسڪٽ يعني ٽوڪري چئبو آهي. ان مان بال کي ٽپائي پوائنٽ حاصل ڪئي ويندي آهي. مقرر وقت تائين جيڪا به ٽيم وڌيڪ بال اُن ٽوڪريءَ اندر ٽپائيندي آهي، اُن کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي.
پڻ گھمو، وڪي پيڊيا انگريزي باسڪٽ بال http://en.wikipedia.org/wiki/Basketball


لفظ باسڪٽ بالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو