جنگشاهي ريلوي اسٽيشن جو نقشو
باغ محمد ’بيشڪ‘ جوکيو: ناميارو سگهڙ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. جنگشاهي ريلوي اسٽيشن (ضلعي ٺٽي) کان اتر طرف ڪوهستاني علائقي ۾ 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مشهور تاريخي ڳوٺ ”مالماڙيءَ“ ۾ 1908ع ڌاري ڄائو. سندس والد جو نالو سکيو خان ۽ ڏاڏي جو نالو جان محمد هو. ذات جو جوکيو ۽ پاڙي جي لحاظ کان کان ڪليپوٽا جانواڻي آهي. ناميارو سگهڙ ۽ شاعر سونهارو فقير جوکيو، باغ محمد جو چاچو هو.
باغ محمد ’بيشڪ‘ معمولي پڙهيل لکيل انسان هو. صرف ابتدائي ٽي درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول جاتيءَ (ٺٽي) ۾ پڙهيو، جتي پنهنجي مامي وسند خان مرحوم وٽ، جيڪو ان وقت (برٽش دؤر ۾) پوليس کاتي ۾ ملازم هو، رهندو هو. ديني تعليم جنگشاهيءَ جي ديني مڪتب ۾ پڙهيو، جتي سندس استاد حاجي دلمراد جوکيو هو. علائقي جو نيڪ مرد رئيس وليداد خان سندس هم مڪتب هو. 20 سالن جي عمر ۾ باغ محمد کي جاتيءَ ۾ ڪنهن نازنين سان نينهن لڳو. انهيءَ مستيءَ واري ڪيفيت ۾ شاعري شروع ڪيائين ۽ مجاز جون حدون ٽپي حقيقت جي منزل تي پهتو. باغ محمد اتڪل 75 ورهين جي ڄمار ۾ 26 فيبروري 1984ع مطابق/27 جمادي الاول 1404هه تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه سندن آبائي قبرستان، جنگشاهي پير، لڳ جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي آهي.
1908.00.00 عيسوي
باغ محمد بيشڪ جوکيو: ناميارو سگهڙ ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي . جنگشاهي ريلوي اسٽيشن ( ضلعي ٺٽي ) کان اتر طرف ڪوهستاني علائقي ۾ 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مشهور تاريخي ڳوٺ ” مالماڙيءَ “ ۾ 1908ع ڌاري ڄائو
1984.02.26 عيسوي
باغ محمد بيشڪ جوکيو: ناميارو سگهڙ ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي اٽڪل 75 ورهين جي ڄمار ۾ 26 فيبروري 1984ع مطابق/27 جمادي الاول 1404هه تي وفات ڪئي .
1404.05.27 هجري
باغ محمد بيشڪ جوکيو: ناميارو سگهڙ ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي اٽڪل 75 ورهين جي ڄمار ۾ 26 فيبروري 1984ع مطابق/27 جمادي الاول 1404هه تي وفات ڪئي .