داخلا نمبر 4215
عنوان بجار خان ٽالپر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 212 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

بجار خان ٽالپر

بجار خان ٽالپر: مير بجار خان ٽالپر ، مير بهرام خان جو پٽ ۽ مير صوبدار خان ٽالپر جو ڀاءُ هو . جڏهن مير بهرام خان کي ميان سرفراز ۽ راڄو ليکيءَ جي سازش جي خبر پئي ، تڏهن مير بهرام خان پنهنجي پٽ مير بجار کي حرمين شريفين موڪلي ڇڏيو ، پٺيان ميان سرفراز خان ، مير بهرام ۽ مير صوبدار خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو . مير بجار جڏهن حرمين کان واپس آيو ، تڏهن راڄو ليکي سندس ڊپ کان زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي . راڄو ليکيءَ جو پٽ تاجو ليکي پنهنجي پيءُ جي جڳهه تي ويٺو . تاجو ليکي ميان غلام نبي کي ورغلائي مير بجار سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو . ٻنهي ڌرين ۾ ” لانياري “ واري جنگ لڳي ، جنهن ۾ مير بجار کي فتح حاصل ٿي . تاجو ليکي موقعو ملندي ئي لانياري واري جنگ ۾ ميان غلام نبيءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيو . ميان غلام نبيءَ کانپوءِ ميان عبدالنبي تخت تي ويٺو . جڏهن تاجو ليکي ڀاءُ ۽ پٽن سوڌو گرفتار ٿيو ته ميان عبدالنبي سندس قتل جو حڪم ڏنو ، پر مير بجار خان سفارش ڪري کين بچايو . عزت يار خان ڪلهوڙي جڏهن افغانن جي مدد سان پنهنجي چاچي ميان عبدالنبيءَ تي حملو ڪيو ، تڏهن مير بجار خان لشڪر وٺي سندس مقابلي لاءِ نڪتو ۽ ميان عزت يار خان کي شڪست ڏئي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو . ميان عبدالنبي کي تاجو ليکي ورغلايو ۽ تاجو ليکيءَ جوڌپور جي راجا کي عمرڪوٽ جي قلعي جي لالچ ڏئي مير بجار خان ٽالپر کي قتل ڪرائي ڇڏيو . اهو واقعو 1194هه/1780ع ۾ ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو