داخلا نمبر 447
عنوان بخش علي لاکو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 457 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
بخش علي لاکو

بخش علي لاکو

بخش علي لاکو

بخش علي لاکو: مشهور سماج سڌارڪ، بخش علي لاکو، مهر علي لاکي جو فرزند آهي. سندس جنم 15 ڊسمبر 1941ع تي، ڳوٺ لاکا وڏا، تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٺٽيءَ (تعلقي گنبٽ) ۾ ورتائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گنبٽ مان ڪيائين. ان کان پوءِ حيدرآباد آيو، جتان سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان بي. ڪام ڪيائين. ان کان پوءِ 1963ع ۾ انٽر چارٽرڊ اڪائونٽنسي لاهور مان پاس ڪيائين. لاکي وڏو عرصو انڊسٽريز ۽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪئي. هو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گيهه ڪارپوريشن ڪراچي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي. ايم آئل ملز ۽ انڊسٽريز ڪراچي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقبول ڪمپني لميٽڊ ڪراچي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزير علي انڊسٽري حيدآباد، مئنيجنگ ڊائريڪٽر آصف انڊسٽريز شڪارپور، چيف اڪائونٽس آفيسر ڪراچي ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن، ڊائريڪٽر فنانس سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ڪراچي، پروجيڪٽ اڪائونٽنٽ سئيگل گروپ آف انڊسٽريز ۽ ٻين ڪيترن وڏن عهدن تي رهيو. 1998ع کان احمد ويجيٽيبل آئل ائنڊ ملز سکر ۾ جنرل مئنيجر جي عهدي تي ڪم ڪري 2001ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن ڪيتريون ئي پروفيشنل قسم جون تربيتون پڻ حاصل ڪيون. هو سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن جي بنياد وجهندڙن مان آهي. سگا جو 1972ع کان فنانس سيڪريٽري ۽ 1994ع کان 2000ع تائين چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ طرح لاکا ويلفيئر ائسوسيئيشن، پاڪستان ريڊ ڪرسينٽ کان سواءِ ٻين ڪيترن ادارن جو ميمبر ٿي رهيو. لاکو صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس اسٽڊيز جو اعزازي وزٽنگ پروفيسر به آهي. مهراڻ ايڊيويڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.12.15  عيسوي

بخش علي لاکو: مشهور سماج سڌارڪ ، بخش علي لاکو ، مهر علي لاکي جو فرزند آهي . سندس جنم 15 ڊسمبر 1941ع تي ، ڳوٺ لاکا وڏا ، تعلقي گنبٽ ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون