برج خليفه

برج خليفه

برج خليفه

برج خليفه (Burj Khalifa ):متحده عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ خليفه بن زيد النهيان جي نالي پٺيان دبئي ۾ ٺاهيل ”برج خليفه“ (Burj Khalifa) دنيا جي اوچين عمارتن جا رڪارڊ ٽوڙي، دنيا جي سڀ کان اوچي عمارت وارو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. 2004ع ۾ جڏهن هن عمارت جو تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو هو ته، ان جو نالو ”برج دبئي“ رکيو ويو هو، پر بعد ۾ 4 جنوري 2010ع تي افتتاحي تقريب دوران ان جو نالو تبديل ڪري ”برج خليفه“ رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته تازو ئي شيخ خليفه بن زيد النهيان، دبئيءَ جو 10 ارب ڊالرن جو قرض لاهي دبئي کي قرض کان نجات ڏياري هئي.
افتتاحي تقريب وقت سرڪاري طرح ”برج خليفه“ جي اوچائي 828 ميٽر يعني 2716.5 فوٽ ٻڌائي وئي. هي دنيا جي اوچي ۾ اوچي عمارت برطانوي آرڪٽيڪٽ ايڊرائن سمٿ (Adrian Smith) ڊزائين ڪئي، جنهن ۾ 160 فلور آهن. ڪنهن خراب موسم سبب مڙڻ يا ٽٽڻ کان ٽاور کي بچائڻ لاءِ ان کي انگريزي اکر ”واءِ“ (Y) جي شڪل ۾ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جا ٽي پاسا (Wings) آهن. ”برج خليفه“ عمارت شڪاگو (آمريڪا) جي سڀ کان اوچي عمارت وِلسِ ٽاور (Wills Tower) کان به 50 ماڙيون وڌيڪ بلند آهي. ”برج خليفه“ جو تعميراتي ڪم ڏاڍي تيزيءَ سان جاري رهيو، جنهن ۾ هزارين مزدورن حصو ورتو، جن ۾ اڪثريت جو تعلق هندستان سان هو، جنوري 2007ع ۾ هن جون 100 ماڙيون مڪمل ڪيون ويون هيون. انسان جي ٺاهيل هن نئين عجوبي جي افتتاحي تقريب ۾ هر قوم ۽ نسل سان واسطو رکندڙ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، افتتاحي تقريب دوران وڏي آتشبازي به ڪئي وئي. برج خليفه تان دبئي شهر جو نظارو ڪرڻ لاءِ ان ۾ هڪ ڊيڪ ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ لڳل ڪمپيوٽرائيزڊ دوربينن جي مدد سان ماڻهو هيٺين دنيا جو نظارو ڪري سگهن ٿا.
برج خليفه“ ۾ 3 لک 30 هزار ڪيوبڪ ميٽر ڪنڪريٽ ۽ هڪ لک 3 هزار چورس شيشو استعمال ٿيو آهي. برج جي مالڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق عمارت ۾ ٻاهران لڳائڻ لاءِ جيڪو شيشو ۽ اسٽيل/لوهه استعمال ڪيو ويو، اهو ايترو هو جو، جو جيڪڏهن ان کي فوٽ بال جي ميدانن تي پکيڙيو وڃي ته، فوٽ بال جا 17 ميدان ان سان ڀرجي وڃن ها. ان ۾ جيڪا ڪنڪريٽ ڪم آندي وئي آهي ، ان مان هڪ هزار 2 سئو 83 ميل رستو ٺهي سگهي ٿو. اولمپڪ سوئمنگ پول ڀرجي سگهن ٿا.


لفظ برج خليفهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو