اٺن جي ريس

اٺن جي ريس

پينو فقير

پينو فقير

برده فروشي

برده فروشي: انسانن کي غلام ڪري وڪڻڻ جو سلسلو اوائلي وقتن کان هلندڙ آهي، اهو سلسلو خاص ڪري ان وقت شروع ٿيو جڏهن ٻن قومن جي وچ ۾ جنگ کانپوءِ هارايل قوم جي ماڻهن کي غلام بنائي انهن کان مشقت جو ڪم ورتو وڃڻ لڳو. غلام بنايل اهڙن ماڻهن کان هر قسم جو انساني حق ڦري انهن کي بازار ۾ وڪامجندڙ ڪنهن جانور جي حيثيت ڏني وئي. اهڙي طرح شاهوڪار سوداگرن ۽ جهازين مختلف شهرن جي پڙين مان غلام خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ جو نفعي بخش ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو. ان ڪاروبار کي جائز سمجهيو ويندو هو، ان ڪري ان ريت دولت ڪمائڻ جي چڪر ۾ اڪثر يورپي قومن، آفريڪا ۽ ٻين پوئتي پيل علائقن جي شهرن، ڳوٺن ۽ جهنگلن مان، ماڻهن کي زوري کڻي، غلام بڻائي، وڪڻڻ جو وڏو ڪاروبار منظم ڪيو. نه رڳو ايترو پر ڪن ماڻهن جا هڏ گڏ ڀڃي، پِنائڻ جي حد تائين ۽ غير قانوني سامان توڙي منشيات اسمگل ڪرائڻ کان وٺي جبري پورهيو ورتو ويو. قديم زماني ۾ انسانن کي وڪڻڻ جي بازار دنيا جي هر هنڌ، هر شهر ۾ لڳندي هئي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي به غلام آڻيندا هئا. ڪجهه صديون اڳ يورپي قومون، آمريڪا سميت آفريڪا مان لکين ماڻهو زوريءَ کڻي، جانورن وانگر يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڪڻنديون هيون، 20 صديءَ جي پوئين اڌ کان اڄ تائين اسان جي ملڪ ۾ برده فروشيءَ جو سلسلو هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ هلندڙ آهي. سنڌ ۾، خاص طور تي، 5 کان 15 سالن جي عمر جا ٻار، ڇَوڪريون ۽ ڇوڪرا، اغوا ٿيندا رهندا آهن. ڪن ماڻهن کي پرڏيهه ۾ نوڪرين جي لالچ تي غير انسان طرح سمگل ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اهي يا ته رستي ۾ مري وڃن ٿا يا وري غير ملڪ جي قيدن ۾ قابو ٿي ويندا آهن. يا عورتن کان جسم فروشي ڪرائي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾، برده فروشن وٽ اغوا جي وارداتن ڪرڻ جا پڻ مختلف طريقا آهن .
زوريءَ اغوا ڪرڻ: هيءُ طريقو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي. ڳوٺن ۾ ڌاڙيل هٿيارن جي زور تي گهرن ۾ گهڙي ماڻهو اغوا ڪندا رهن ٿا. قبيلائي جهيڙن ۽ فسادن ۾ پڻ اغوا ڪرڻ جو سلسلو عام جام آهي. پيشه ور ڌاڙيل ڳوٺن مان ماڻهو اغوا ڪري، ڀُنگ جي عيوض کين ڇڏين ٿا. شهرن ۾ وري برده فروشن جا گروهه هٿيارن جي زور تي، ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ وجهي گهرن، دڪانن ۽ آفيسن مان ماڻهو اغوا ڪندا رهن ٿا. انهيءَ جو سبب هڪ ته دهشت گردي آهي ۽ ٻيو وري ڀُنگ جي حاصلات. ٻين مختلف مقصدن، جهڙوڪ ٻار اغوا ڪري، خودڪار ڪئمپن ۾ جبري پورهيو ڪرائڻ، اسمگلنگ ڪرائڻ، معذور ڪري پِنائڻ ۽ سندن عضوا آپريشن ذريعي ڪڍائي پئسا ڪمائڻ ڪارڻ وڪڻڻ به اهو طريقو استعمال هيٺ آهي.
نشو ڏيئي اغوا ڪرڻ: هيءُ طريقو اڪثر شهرن ۾ آزمايو وڃي ٿو. افغاني پٺاڻن طرفان خاص ڪري اتر سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ جون خبرون پڻ اينديون رهنديون آهن. هيءُ طريقو شهرن ۾ خاص ڪري بس جي اڏن، ريلوي اسيشنن، ميلن، ملاکڙن ۽ مختلف گاڏين ۾ سفر دؤران آزمايو ويندو آهي. برده فروش خاص ڪري ٻارن کي ڪا نشي واري شيءِ کارائي، بيهوش ڪري کڻي ويندا آهن، جيڪي بعد ۾ مختلف مقصدن خاطر وِڪيا ويندا آهن .
برغلائي اغوا ڪرڻ: سنڌ اندر معاشي حالتن جي خراب هئڻ ڪري، اڪثر غريب گهراڻن جا ٻار ۽ نوجوان گهران ڪاوڙجي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪمائڻ خاطر ويندا آهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ برده فروش ٻارن ۽ نوجوانن کي بهتر روزگار جا موقعا ۽ خوشحال زندگيءَ جون اميدون ڏيکاري، ورغلائي، ٻين صوبن ۽ شهرن ڏانهن وٺي ويندا آهن، جتي کين وڪڻي مختلف مقصدن خاطر استعمال ڪيو ويندو آهي .
فقيرن جي روپ ۾ پنڻ جي بهاني اغوا ڪرڻ: هيءُ طريقو اڪثر ڪري پينو فقير، عورتون ۽ مرد اختيار ڪن ٿا. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ خيرات گهرڻ جي بهاني ڳوٺن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پوندا آهن ۽ ٻارن توڙي نوعمر ڇوڪرن کي نشي واريون شيون کارائي اغوا ڪري ويندا آهن. اِهڙا فقير اڪثر ڪري اغوا ڪيل ٻارن جا عضوا ڀڃي، معذور ڪري، کين پنائيندا آهن. اهڙيون ڪارروايون ڪندڙ برده فروشن جا ڪيئي گروهه سرگرم آهن .
اغوا جا سبب: برده فروش خاص طور تي ٻارن کي چئن اهم مقصدن خاطر اغوا ڪندا آهن .
اسمگلنگ خاطر اغوا ڪرڻ: ٻار اغوا ڪرڻ وارن جا ڪيترائي مُلڪي ۽ بين الاقوامي گروهه آهن. ٻار اغوا ڪرڻ کان پوءِ يا وري خرڪار ڪئمپن يا اغوا ڪندڙن کان پئسن عيوض خريد ڪرڻ کان پوءِ اڪثر ٻارن کي ماري، سندس پيٽ ۾ چرس ۽ هيروئن ڀري، ٻاهرين شهرن ۽ صوبن ڏانهن پهچائيندا آهن؛ ڪي گروهه ٻارن کي آپريشن ذريعي پيٽ ۾ منشيات وجهي، ٻاهرين ملڪن ڏانهن وٺي ويندا آهن، جتي وري به آپريشن ذريعي سندن پيٽ مان منشيات ڪڍي ويندي آهي. گهڻا اهڙا به گروهه آهن، جيڪي ٻارن کي تربيت ڏيئي، اسمگلنگ ڪرڻ سميت چوري، قتل ۽ غارتگريءَ وغيره ۾ ڀڙ ڪري پوءِ پنهنجي رٿيل مقصدن ۾ استعمال ڪندا آهن .
جبري پورهئي خاطر اغوا: ان مقصد خاطر خاص هنڌن تي خرڪار ڪئمپون قائم آهن، جتي اغوا ڪيل ٻارن جي سڃاڻپ لاءِ سندن وچيون آڱريون وڍيون وينديون آهن. انهن ٻارن کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي آهي. قاعدي جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن ٻارن کي گوڏن تي ڏنڀ ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته سموري ڏينهن جي سخت پورهئي ڪرائڻ کان پوءِ، اغوا ٿيل ٻارن کي کاڌي ۾ جنتر جي دال ۽ ٻاجهر جي ماني جو اڌ ڏنو ويندو آهي. رات جو نو عمر ڇوڪرن کي خرڪار ڪئمپن ۾ جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار پڻ بڻايو ويندو آهي .
اُٺن جي ريس خاطر اغوا ڪرڻ: ان مقصد لاءِ ٻار اغوا ڪرڻ وارن گروهن پويان، وچ اوڀر جي عرب ملڪن جي شهزادن ۽ گڏيل عرب امارات جي ارب پتي عربن جي ڇاڙتن جو هٿ هوندو آهي، جيڪي اهڙا ٻار خريد ڪندا آهن. اهڙن ٻارن جي عمر ٽن يا چئن سالن کان اٺن سالن تائين هوندي آهي. وچ اوڀر جي عرب ملڪن سميت گڏيل عرب امارات ۾ اُٺن جي ڊوڙ ٿيندي آهي، جنهن ۾ ننڍڙن ٻارن کي اٺن جي پُٺيءَ تي رَسن سان ٻڌي، ڪنهن صحرا ۾ ڊوڙايو ويندو آهي ۽ جڏهن اُٺ جي پُٺيءَ تي ٻڌل ٻار جيئن رڙيون ڪندا آهن، تيئن اُٺ تيز ڊوڙندا آهن. ان راند لاءِ سنڌ مان پڻ ٻار اغوا ٿيندا آهن .
پِنائڻ خاطر اغوا ڪرڻ: ان مقصد خاطر ٻار اغوا ڪندر گروهه اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪارروايون ڪندا رهندا آهن، اهڙن گروهن ۾ عورتون پڻ ڪم ڪنديون آهن، انهن ۾ پينو فقيرن جو گهڻو تعداد هوندو آهي. اهڙا ماڻهو ٻار اغوا ڪري، سندن عضوا ڀڃي، کين پِنڻ سيکاريندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح، اهي ٻار سڄي عمر معذور بڻجي شهرن ۾ پنندا رهندا آهن. اهڙن گروهن کي پوليس ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي پُٺ ڀرائي هوندي آهي، جيڪي سندن هر طرح جي مدد ڪندا رهندا آهن. مٿي ڄاڻايل مقصدن کان علاوه جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار بنائڻ، آپريشن ذريعي عضوا ڪڍائي وڪڻڻ، ڀُنگ ۽ ٻين مقصدن لاءِ پڻ ٻار اغوا ڪيا ويندا آهن. ڀنگ عيوض اغوا ڪندڙن جو تعلق خاص ڪري پيشه ور ڌاڙيلن ۽ غنڊن سان هوندو آهي، جيڪي اميرن ۽ تاجرن جا ٻار اغوا ڪندا آهن. جڏهن ته جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ڪرڻ ۽ عضوا ڪڍي وڪڻڻ وارن جو تعلق، هيٺئين طبقي وارن سان هوندو آهي، جيڪي خاص ڪري موالي ۽ سماجي حوالي سان ڪِريل انسان هوندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو