داخلا نمبر 1642
عنوان برڪاتي مسعود احمد
شاخ صحافي
پڙهيو ويو 1108 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
مسعود احمد برڪاتي

مسعود احمد برڪاتي

برڪاتي مسعود احمد

برڪاتي، مسعود احمد: اديب، صحافي ۽ ايڊيٽر. راجپوتانا جي ٽونڪ رياست ۾ 15 آگسٽ 1933ع تي ڄائو. شاگرديءَ واري زماني کان لکڻ جو شوق ٿيس. 14 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڏاڏي علامه حڪيم برڪات احمد جي نالي تي ماهوار رسالو ’البرڪات‘ جاري ڪيائين. اردو، فارسيءَ، عربيءَ ۽ طب جي تعليم دارالعلوم خليليه ۾ ۽ انگريزي تعليم گهر ۾ پنهنجي استاد کان ورتائين. 16 سالن جي عمر ۾ انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ جي رسالي ’معاشيات‘ ۾ سلسليوار مضمون لکيا، جن کي باباءِ اردو ساراهيو. 1952ع کان همدرد فائونڊيشن سان لاڳاپيل آهي. 1953ع کان ٻارڙن جي مقبول رسالي ”همدرد نونهال“ جو چيف ايڊيٽر آهي. اردو ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾ ٻيو ڪو اديب مسلسل اڌ صديءَ تائين ٻارڙن جي ادب سان لاڳاپيل ۽ ٻارڙن جي رسالي جو ايڊيٽر نه رهيو آهي. اي. پي. اين. ايس (APNS) پاران 2 مارچ 1996ع تي برڪاتي صاحب کي پاڪستان جي سڀ کان سينيئر پروفيشنل ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نشان سپاس پيش ڪيو ويو. برڪاتي صاحب ماهوار ”همدرد صحت“ جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر پڻ آهي. مختلف علمي، ادبي، سماجي ادارن ۽ انجمنن جي ميمبر هجڻ سان گڏوگڏ همدرد وقت جي ٽرسٽ ۽ پبليڪيشنز ڊويزن جو سينيئر ڊائريڪٽر آهي. اردو، فارسيءَ، عربيءَ ۽ انگريزيءَ سان گڏ روسي ٻولي به ڄاڻي ٿو. پرڏيهي ملڪن ۾ مختلف علمي ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ۽ صدارت ڪري مقالا پڙهي چڪو آهي. ماهوار ”عرفان“ ڪراچي ۽ ماهوار ”سائنسي دنيا“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهيو آهي. يونيسڪو جي ماهوار ”ڪوريئر“ جي اردو حصي ”پيامي“ جو سهڪاري ايڊيٽر رهيو آهي. ملڪ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ برڪاتي صاحب جا جيڪي علمي، تحقيقي، ادبي، نفسياتي ۽ سوانحي مضمون شايع ٿي چڪا آهن، انهن جو ڳاڻيٽو بيشمار آهي. سندس قابل ذڪر تصنيفون، تاليفون ۽ ترجما هي آهن: ’جوهر قابل‘ (مولانا محمد علي جوهر جي ڪهاڻي ۽ ڪارناما)، ’صحت ڪي الف- بي‘ (حڪيم محمد سعيد جا طبي مشورا)، ’دو مسافر دو ملڪ‘ (اردوءَ ۾ ٻارڙن جو پهريون سفرنامو)،’مونٽي ڪرسٽو ڪا نواب‘ (اليگزينڊر ڊوما جو ترجمو)، ’پياري سي پهاڙي لڙڪي‘ (ناول، ترجمو)، ’ايڪ کلا راز‘، ’وه ڀي ڪيا دن ٿي‘، (ترتيب)، ’هزارون خواهشين‘ (چارلس ڊڪنس جي ناول جو ترجمو)، ’صحت ڪي 99 نڪتي‘، ’فرهنگ اصطلاحات طب‘ (نظرثاني)، ’چور پڪڙو‘ (مضمونن جو مجموعو)، ’تين بندوقچي‘ (ترجمو)، ’سعيد پاري‘ (ترتيب) ۽ ’مرد درويش‘ (ترتيب) .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.08.15  عيسوي

مسعود احمد برڪاتي، راجپوتانا جي ٽونڪ رياست ۾ 15 آگسٽ 1933ع تي ڄائو.


1952.00.00  عيسوي

برڪاتي صاحب، 1952ع کان همدرد فائونڊيشن سان لاڳاپيل آهي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم اڪبر قاضي
اسلم خواجا
اشتياق اظهر
اعجاز حسين مهر
اعجاز عليم عقيلي
اعجاز منگي
الطاف حسين قريشي
برڪاتي مسعود احمد
الياس شاڪر
امداد سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون