بهه2

بُههُ: ڳاهيل ڪڻڪ جا تِيلا، جيڪي مال جي چاري ۽ ڳاري وغيره ۾ ڪم اچن. سُڪل بُهه ۾ ڪڻڪ جي اناج جو قدري ساءُ ٿيندو آهي، جيڪو چوپائي مال کي وڻندو آهي، تنهن ڪري مال جي چاري لاءِ ڀاڳيا بُهه کي سنڀالي رکندا آهن. بُهه جي ڍڳ کي لِنبي ڇڏيندا يا ڀانڊا ڀري رکندا آهن. پراڻو بُهه، يعني ٻن ٽن سالن جو رکيل بُهه يا ڪنو ٿيل بُهه وري ڀتين ۽ ڇتين جي لِنبَ، ڇنڀَ ۽ راگتي ۾ ڪم ايندو آهي. بُهه وجهڻ سان گارو وَڪُ ڪندو ۽ راڳي کي مضبوط ڪندو آهي. حڪيمن چواڻي طبي لحاظ سان پراڻو بُهه ڪوسو ڪري سورَ ۽ سوڄ تي ٽاڪور ڪبي آهي. سنڌن جي سُور ۽ مقعد جي بيمارين لاءِ بُهه کي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، بيمار کي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ويهارجي ۽ پاشويو ڪرائجي ته فائدو ٿيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو