بٺ ڪارو ڪوٽ

بٺ ڪارو ڪوٽ: ڪاري ڪوٽ واري ٽڪري جنهن کي ”بٺ ڪارو ڪوٽ“ به چيو وڃي ٿو، اها پپراسر کان اڌ ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ ۾ 67° 14′ 62″اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۽26° 36′ 86″ اتر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. ٽڪري تي اولهه ڏکڻ کان مٿي چڙهڻ جو رستو آهي، مٿي چڙهڻ دوران محسوس ڪري سگهبو ته آڳاٽن ماڻهن هن ٽڪريءَ کي ڪافي هيٺ کان ئي پوريءَ طرح قلعي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ٽڪريءَ جي ڪنڌين سان موڪريون ۽ مضبوط ديوارون بيهاريون اٿن. ڪوٽ جي اندر ڪمرا ۽ اڏاوتون آهن، پر انهن ۾ ڪا خاص ترتيب نظر نه ٿي اچي. هتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي، جيڪو تاريخ کان آڳاٽو ۽ ٻڌڪي دور جو آهي. هي ٻنهي دورن ۾ وڏي بيٺڪيت رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته هتي ڪو ٻڌ وهار (ٻڌڪو مندر) قائم هجي.


لفظ بٺ ڪارو ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو