بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ڪتاب

بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ڪتاب

بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير

بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير (ڪتاب ): هن نالي سان شهيد صبغت الله شاهه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ جي پروفيسر مبين وساڻ هڪ مڪمل ڪتاب لکي 2007ع ۾ ڀيڄ پاڳار پبليڪيشن سانگهڙ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جا 219 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 150 رپيا آهي. پهريون ڀيرو مبين وساڻ، بچو بادشاهه بابت تاريخ ۽ عوامي روايتن مان ملندڙ مواد کي ڇنڊي ڇاڻي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي ۽ هن وڏي تحقيق سان بچو بادشاهه جو هڪڙو ڌنڌلو فوٽو پڻ هٿ ڪيو، جنهن کي سانگهڙ جي نوجوان مصور اسماعيل مهديءَ نئين سِر پينٽ ڪري تيار ڪيو. جيڪو ڪتاب جي سرورق تي داخل آهي ۽ تاريخ ۾ اڳتي بچو بادشاهه جي اها ئي واحد تصوير رڪارڊ ۾ رهندي.


لفظ بچو بادشاهه ۽ پيرو وزيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو