پيرو

پيرو

پيرو

پيرو (Peru): هن ملڪ جو سرڪاري نالو ’جمهوريه پيرو‘ (Republic Del Peru) ۽ پراڻو نالو ’تاهان تن سوئيا‘ آهي. هي ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ آهي جنهن جي اتر ۾ ايڪويڊور ۽ ڪولمبيا، اوڀر ۾ برازيل ۽ بوليويا، ڏکڻ ۾ چلي ۽ اولهه ۾ پئسفڪ سمنڊ آهن.
پيرو جي ڪل پکيڙ 1284640 چورس ڪلوميٽر (495871 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 71 لک 36 هزار آهي. پيرو جي گاديءَ جو هنڌ ليما (Lima) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ هواسڪاران (بلندي: 6768 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن ته ڪوئچوا ۽ آئمارا ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي جي موسم خشڪ آهي ۽ مختلف علائقن جي آبهوا مختلف آهي.پيرو جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، ڪيلو، مڪئي، جَوَ، ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪافي، ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن ۽ مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، هينڊي ڪرافٽ، لوهه، پيٽروليم، ريفائنري، سيمينٽ، چمڙي جون شيون، پلاسٽڪ، ڪيميائي شيون ۽ گاڏيون اچي وڃن ٿيون. پيرو هڪ آزاد خودمختيار جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 28 جولاءِ 1821ع آهي ۽ هن ملڪ جي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 31 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.


لفظ پيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو